126

پاڪ-سعودي لاڳاپن جو نئون دور ۽ ايشيا جو امن…!!

ليکڪ: محمد اسماعيل لانگاهه

پاڪ-سعودي لاڳاپا گذريل 70 سالن کان هڪ اهڙي زنجير  وانگر رهيا آھن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ٽُٽڻ جهڙا ناهن، جڏھن به ٻنهي ملڪن جي دشمنن  پاڪ-سعودي لاڳاپن ۾ ويڇا وڌائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن پختي عزم تحت ثابت قدم بيهي انهن پکڙيل نفرتن کي نيست ۽ نابود ڪيو آهي، ان دوران انهي عزم کي ورجايو ويو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کي ڪڏھن ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ٻنهي ملڪن جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا پڻ آهن، هن وقت انهن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ آرمي چيف ۽ وزير اعظم سميت ٻنهي سربراهن هڪ ٻئي پويان تڪڙي سعودي ياترا ڪئي آهي، جنهن تي عالمي ليول تي ٻنهي ملڪن جي دوستي کي هڪ طرف گهرو به سمجهيو پيو وڃي ته ٻئي طرف اهي خدشا ڪيا پيا وڃن ته گذريل 70 سالن کان سعودي عرب پنهنجي ملڪ جي دوري تي پهتل پاڪستان جي ڪنهن به سربراهه جي ايڏي وڏي خاطر داري ڪڏھن به نه ڪئي آهي، جيتري عمران خان جي ڪئي وئي آهي، بلڪل مبصرن جي اها ڳالهه به درست چئي سگهجي ٿي ته آرمي چيف ۽ وزير اعظم جو هڪ ٻئي پويان ٿيل تڪڙو دورو ۽ سعودي عرب پاران ٿيل ايڏي وڏي تعريف واري ڳالهھ سمجهھ کان ٻاهر آهي، ڇو ته اڃا ڪجهه وقت اڳ ئي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ٿوري وٿي به آيل هئي ۽ سعودي عرب پاڪستان کي ڏنل قرض به فوري طور تي گهري ورتو هو ۽ پاڪستان اهو قرض چين کان اوڌر وٺي لاٿو هو، هن وقت سعودي عرب ڪورونا وائرس سبب پنهنجون اڏامون بند ڪري پاڪستان ۾ ترسيل مزدور طبقي کي پريشانين ۾ وڌو آهي ۽ ٻئي طرف سعودي عرب جي جيلن ۾ واڙيل ماڻھن جي وارثن جون انهن جي آزادي لاءِ وزير اعظم تائين پهتل شڪايتون به وزير اعظم جي سعودي عرب دوري جو اهم پهلو ٻُڌايون پيون وڃن، جنهن تي سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان پڻ خاطري ڪرائيندي خاص طور تي پاڪستاني قيدين جي آزادي لاءِ پنهنجي حڪومت کي پنهنجي ذاتي خرچ ذريعي پاڪستانين کي سعودي عرب مان واپس موڪلڻ جو واعدو پڻ ڪيو آهي، دوري دوران خاص طور تي  ايران ۽ حوثي باغين جي سعودي حڪومت لاءِ وڌندڙ خطرناڪ حملن تي ٻنهي ملڪن جي سربراهن ۾ ڳالهيون پڻ ٿيون آهن ۽ آرمي چيف به چئي چڪو آهي ته سعودي عرب جي ٻن مسجدن جي حفاظت لاءِ واعدي تي قائم آهيون ۽ وزيراعظم بيان جاري ڪيو آهي ته سعودي جي تعاون کانسواءِ پاڪستان جون معاشي حالتون انتهائي خراب هجن ها، پر سوال وري به اهو آهي ته پاڪستان هميشه سعودي عرب تي ڇو ٿو ڀاڙي؟ پنهنجي پيرن تي بيهڻ بدران عالمي امداد تي هلندڙ پاڪستان جي معيشت آخر ٻين جي آسري ڇو ٿي هلي؟ ڇو ته پنهنجا ڪرتوت ۽ ڪارناما خراب آهن پاڪستان جي سپهه سالار ۽ وزير اعظم جي دوري بابت عالمي مبصرين طرفان به گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هي دورو ان وقت ڪيو ويو آهي جڏھن سعودي عرب تي حوثي باغين جي اڳڀرائي وڌندي پئي وڃي ۽ ٻُڌايو پيو وڃي ته حوثي باغين هن وقت تائين 500 کان به مٿي سعودي عرب جي تيل ٺڪاڻن تي ٽارگيٽ حملا ڪري کين ايترو ته ڊيڄاري ڇڏيو آهي جو ملڪ جي سرحدي حفاظت لاءِ پاڪستان کان سنئين سڌي مدد طلب ڪئي وئي آهي ۽ ھن وقت به پاڪستان جي جهجهي انگ ۾ فورس سعودي سيڪيورٽي کي تربيت ڏيڻ لاءِ اتي موجود آهي ۽ سعودي جو پاڙيسري اسلامي ملڪ ايران جيڪو پاڪ سعودي لاڳاپن ۽ خاص طور حوثي باغين جي حملن تي پاڪستاني حمايت جو مخالف  رهيو آهي ۽ ايران پاڻ الزامن کي منهن ڏيندو رهيو آهي، سعودي ايران سميت عرب خليج جي ڪيترن ئي ملڪن جو هميشه مخالف رهيو آهي، ايران، عراق، شام ۽ ترڪي تمام ٻين اسلامي ملڪن جي سعودي عرب تي هميشه اها تنقيد رهي آهي ته اسلامي ملڪ هئڻ جي باوجود يهودي عنصرن سان بهتر لاڳاپن جو حامي رهيو آهي، اهڙن ڪيترن ئي خليج جي منجهيل مسئلن کي سعودي هميشه پاڪستان معرفت سلجهائيندو رهيو آهي، ڀُٽو صاحب کان عمران خان تائين پاڪ-سعودي لاڳاپن ۾ وقت بوقت وڇوٽيون به پيدا ٿينديون رهيون آهن پر مختصر وقت تائين، ڇو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام توڙي حڪمرانن لاءِ لازم ملزوم آهي، سعودي بادشاهه محمد بن سلمان ۽ سندس پوڙهي پيءُ پاران پاڪستان جي وزيراعظم جو تاريخي آڌر ڀاءُ هڪ طرف بهتر قدم آهي ته ٻئي پاسي آمريڪا پاران افغانستان مان نڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن پر ان کان پهرين ايران تي حملي جي منصوبا بندي واري فيصلي تي هو اڄ به اٽل آهي ۽ خيال ڪيو پيو وڃي ته افغانستان مان نڪرندي ئي اهڙي حملي جو امڪان آهي ۽ ان حوالي سان پاڪستان آمريڪا کي پنهنجي سرزمين تي اڏا ڏيڻ جي حوالي سان ٻڌو ويو آهي ته ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻين اسلامي ملڪن پاران پڻ اهڙي عمل جو جواب ملڻ بعد آمريڪا کي اها خاطري آهي ته ڀارت کيس خطي ۾ رهڻ لاءِ اڏا ضرور ڏيندو،آمريڪي حڪمران خليج توڙي پاڪستاني حڪمرانن لاءِ لٺ ۽ چٺ وارو طريقو اختيار ڪندا رهيا آهن، افغانستان مان نڪرندي ايران تي حملي واريون ڳالهيون ڪي نيون پراڻيون نه آهن پر آمريڪي حڪمرانن جي اهڙي منصوبابندي ڪڏھن ناڪام نه رهي آهي، ايران پنهنجي ڪمانڊر قاسم سليماني جي مارجڻ بعد آمريڪا توڙي اسرائيل لاءِ پهرين کان به وڌيڪ خطرو بڻجندو پيو وڃي، تازو بيت المقدس تي اسرائيل پاران ٿيل  ٿيل حملي ۾ نمازين جي شهادت بعد پاڪستان سميت پوري دنيا جي مسلمان ملڪن اسرائيل جي حملي جي سخت مذمت پڻ ڪئي آهي، وزير اعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جي دوري کانپوءِ خطي جي بگڙيل صورتحال، اسرائيلي جارحيت، ڪشمير معاملي ۽ افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي سميت ٻين اهم معاملن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو محور سمجهيو پيو وڃي، ان مرحلي ۾ موجوده دوري دوران سعودي عرب ڪشمير معاملي تي ٽياڪڙي جي پڻ آڇ ڪئي، جنهن بابت پرڏيهي وزير سعودي عرب جي ان بيان جي ترديد ڪندي چيو آهي، ته ڪشمير معاملي تي سعودي عرب سان ڪي به اهڙيون ڳالهيون طئه نه ٿيون آهن، وچ ايشيا ۾ جڏھن به پاڪستان اندر توڙي ٻاهر غير يقيني وارن معاملا هوندا آهن ته انهن ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ ھن وقت پاڪستان  اسلامي ملڪن واري تنظيم جو سربراهه پڻ آهي، ايڏي وڏي ذميواري ملڻ کانپوءِ به عرب ليگ ۽ سعودي لاڳاپن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ وزير اعظم ۽ آرمي چيف جو تازو دورو ان صورتحال تي نظر رکڻ جي هڪ ڪڙي به سمجهيو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو