ليکڪ: فرينڪ گارڊنر
اسرائيل ۽ فلسطينين وچ ۾ بگڙجندڙ صورتحال انهن عرب حڪومتن لاءِ انتهائي شرمندگي جو سبب بڻجي رهي آهي، جيڪي ويجهڙ ۾ ئي اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا معمول تي آڻي چڪا آهن ۽ ائين ٿيڻو به هو ڇو ته اسرائيل سان ڪيل اهو ابراهم اڪارڊز يا ابراهيمي ٺاهه جنهن کي گڏيل عرب امارات، بحرين، مراڪش ۽ سوڊان وڏي زور شور سان طئه ڪيو هو، انهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن زميني حالتن ۽ واقعن جو قيدي بڻجڻو هو، هاڻ جڏهن اها زميني صورتحال بگڙندي بگڙندي هڪ خطرناڪ ويڙهه جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، عرب رياستن ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ گرمجوشي واري کليل اظهار کي به لغام ڏنو ويو آهي، ٽرمپ انتظاميا جي آخري مهينن ۾ ابراهيم ٺاهن جي نالي تحت گڏيل عرب امارات ۽ بحرين جا اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ وارن جن منصوبن کي زور ۽ شور سان حتمي شڪل ڏني وئي هئي، ان جي نتيجي ۾ اسان ڏٺو ته ڪيترن ئي عرب ملڪن نه صرف اسرائيل سان پنهنجي لاڳاپن کي باقاعده تسليم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو پر سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ اسرائيل سان گڏيل تعاون جي اهڙن منصوبن کي به عملي شڪل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي هئي جن جو ماضي ۾ مثال نظر نٿو اچي، واشنگٽن ۾ انهن ٺاهن تي صحيحون ڪرڻ جي ڪجهه ئي هفتن بعد اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد جي سربراهه کي خليجي رياستن ۾ جهڙي طرح هڪ وڏي شخصيت جي طور تي خوش آمديد چيو ويو صرف هڪ سال اڳ تائين ڪو ان بابت سوچي به نٿي سگهيو ۽ اڄ صورتحال اها ٿي چڪي آهي ته انهن ٺاهن تي صحيحون ڪندڙ ملڪ ۽ خاص طور تي گڏيل عرب امارتون ۽ بحرين پاڻ کي هڪ نهايت ئي ڏکئي هنڌ تي بيٺل ڏسن ٿا، ڪجهه عرصو اڳ ئي هو پنهنجي عوام کي خوشي سان ٻڌائي رهيا هئا ته اسرائيل سان دوستي کانپوءِ کين واپار، سياحت، طبي تحقيق، ماحول دوست معاشيات ۽ سائنسي ترقي جي شعبن ۾ ڪيترا فائدا حاصل ٿيندا، پر اڄ هو ڪنهن شخص جي بقول پاڻ کي 24 ئي ڪلاڪ ٽي وي آڏو ويهي ور وڪڙ کائيندي ڏسن ٿا، انهن جي نظرن آڏو ٽي وي تي غزا مٿان اسرائيلي بمباري جا منظر آهن، اوڀر يروشلم ۾ پنهنجي گهرن مان طاقت جي زور تي ڪڍيل فلسطينين جون وڊيوز آهن ۽ اهي منظر آهن، جن ۾ اسرائيلي پوليس مسجد اقصيٰ تي حملو ڪندي نظر اچي رهي آهي ۽ ٻئي طرف سعودي وارن سڪون جو ساهه کنيو آهي ته آمريڪا جي سخت دٻاءُ باوجود اهي اسرائيل سان پيار وڌائڻ واري گاڏي تي سوار نه ٿيا، شايد انهن کي به خوف هو ته ڪٿي حالتون ايتريون خراب نه ٿي وڃن جيتريون اڄ واقعي ٿي چڪيون آهن، اسلام ۾ مڪي ۽ مديني کانپوءِ مقدس ترين سمجهيو ويندڙ شهر بيت القدس يا يروشلم سڄي دنيا جي مسلمانن ۽ عربن جي دل ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو، ان ڪري مسجد اقصيٰ ۾ ٿيل تازن واقعن نه صرف سعودي وارن پر خطي جي ٻين ماڻهن جي پڻ شاهه رڳ کي ڇيڙي ڇڏيو آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن وانگر بحرين جي حڪومت هن هفتي هڪ بيان ۾ فلسطيني مقصدن لاءِ پنهنجي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. لنڊن جي هڪ ٿنڪ ٽينڪ، رائل يونائيٽيڊ سروسز انسٽيٽيوٽ سان لاڳاپيل مائيڪل اسٽيفن ٻڌائي ٿي ته عربن جي اها دعويٰ کوکلي ثابت ٿي وئي آهي ته ابراهيمي معاهدن کانپوءِ گڏيل عرب امارتن جهڙيون رياستون اسرائيل تي دٻاءَ وجهي سگهنديون ته اهو فلسطينين جي خواهشن جو لحاظ ڪري، پر ڇا هاڻ حالتون ان حد تائين پهچي چڪيون آهن، صدر بائيڊن جي ان درخواست جي به شنوائي به نظر نٿي اچي ته اسرائيل پنهنجي خطرناڪ حملن ۾ گهٽتائي ڪري، اڪثر خليجي رياستن کي ايران جي حمايت يافتا ويڙهاڪ گروهه حماس سان ڪجهه گهڻو لڳاءُ نه آهي، جيڪو اڃا تائين پنهنجي هدفن ۾ تميز ڪرڻ کانسواءِ اسرائيلي ڳوٺن تي هڪ هزار کان وڌيڪ راڪيٽ ۽ ميزائل ڪيرائي چڪو آهي، پر خليجي ملڪن جي عرب عوام جون همدرديون فلسطينين سان آهن ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سرد مهري کانپوءِ جيڪڏهن هو اسرائيل سان نئين نئين دوستي کي نه چاهيندي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا هئا ته تازن واقعن اسرائيل جي حوالي سان انهن جي شڪن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، اڃا تائين انهن ملڪن جي سرڪاري ميڊيا تي ان ويڙهه جون خبرون جنهن انداز ۾ پيش ڪيون پيون وڃن، اهي ان طرح مڪمل هڪ طرفيون نه آهن، جيئن ماضي ۾ اسرائيل ۽ عربن وچ ۾ چڪرين وارن ڏينهن ۾ هونديون هيون، مثال طور سعودي عرب جي العربيه ٽي وي کي ڏيکاريل وڊيوز ۾ غزا مٿان اسرائيل فضائي حملو شاهه سرخين ۾ ڏيکاريو پيو وڃي، پر ان سان گڏوگڏ اهڙا فوٽيج به ڏيکاريا پيا وڃن، جن ۾ اسرائيلي ڳوٺن ۾ حماس طرفان اڇلايل راڪيٽن جي خوف کان عام ماڻهو پناهه جي ڳولا ۾ ڀڄي رهيا آهن ۽ سائرن به وڄي رهيا آهن، گڏيل عرب عمارتن ۾ قائم اسڪاءِ نيوز عربيه تي به جيتوڻيڪ غزا جي صورتحال ڏيکاري پئي وڃي، پر اسرائيلي عملدارن جا بيان به ڏيکاريا پيا وڃن، جن ۾ اهي چئي رهيا آهن، سندن اصل نشانو حماس جا سينيئر ڪمانڊر آهن، ٻئي طرف قطر جيڪو اردن ۽ مصر وانگر ان ويڙهه کي ختم ڪرائڻ ۾ ٽياڪڙي جو خواهشمند آهي ۽ ان جا حماس سان به ويجها لاڳاپا آهن، انهن وٽ اها شيءِ ٽي وي تي هلندڙ خبرون ۾ به نظر اچي رهي آهي، ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته موجوده ويڙهه اسرائيل ۽ ان جي عرب ساٿين وچ ۾ مستقبل جي لاڳاپن تي ڪهڙا اثر ڇڏيندي. ان سوال جو جواب وڏي حد تائين ان ڳالهه تي ڀاڙي ٿو ته هيءَ ويڙهه وڌيڪ ڪيترو عرصو جاري رهندي ۽ ڇا ان ۾ موتن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو رهندو؟ جيڪي عرب رياستون اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا معمول تي آڻي چڪيون آهن اهي اهو ڄاڻين ٿيون ته سندن ان نئين دوستي سان کين گهڻو ڪجهه ملندو، خاص ڪري جديد ترين ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پر انهن ملڪن کي انهن فائدن جي قيمت پاڻ وٽ بدامني جي صورت ۾ ڏيڻي پئجي سگهي ٿي، جيڪو نقصان وارو سودو آهي، ڀلي حماس اسرائيل کي ڪيتري به ڪاوڙ ڇو نه ڏياري في الحال هي ملڪ نه چاهيندا ته اهي هڪ اهڙي رياست سان بيٺل نظر اچن جيڪا فلسطينين کي ماري رهي آهي، مائيڪل اسٽيفن جي بقول ان ڳالهه جو ڪو به امڪان نه آهي ته گڏيل عرب اماراتون ابراهيمي ٺاهه کان ٻاهر ٿي وڃن، پر جيستائين هي ويرهه نٿي رڪجي ان خليجي رياست ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپا جتي آهن، ان ئي جاءِ تي بيٺل رهندا، ان جمود جي عملي شڪل اها هوندي ته گذريل ڪيترن ئي سالن وانگر گڏيل عرب امارتون ۽ اسرائيل پردي پويان پنهنجا رابطا برقرار رکندا، پي في الحال اهي ڏينهن گذري ويا، جڏهن ٻنهي ملڪن جا سفير گڏيل پريس ڪانفرنسون ڪندا هئا ۽ ٻنهي ۾ ماڻهن آڏو مرڪن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي.