126

نظر جي بحاليءَ وارو نظام تيار

ليکڪ: الطاف ابڙو

هيءَ دنيا تمام گھڻي پياري آهي پر ان جا روپ ۽ رنگ صرف اهي ئي ڏسي سگھن ٿا جن کي خدا تعاليٰ نظر ۽ نور جي نعمت سان نوازيو آهي، جنهن جو نور سلامت آهي جنهن ۾ بصارت جي قوت موجو آهي ۽ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته اهڙا ماڻھو جيڪي نابين آهن ۽ نور کان محروم آهن اهي اهو سمورو لطف ماڻڻ کا ن  به محروم آهن، نور ۽ بصارت جي قوت کان محروم اهڙن انسانن جي خواهش ۽ دعا آهي ته ڪو اهڙو معجزو ٿئي ڪا اهڙي کوجنا ٿئي جنهن جي مدد سان اهي به دنيا کي پنهنجن نظرن سان ڏسي سگھن، جڏهن ته دنيا  جا سائنسدان به ان قسم جي ڪوششن ۾ مصروف آهن ته ڪنهن نه ڪنهن ريت ماڻهن جي ڪمزور نظر کي طاقتور بنائجي ۽ نابينن جي نظرن کي بحال ڪجي، نابين ۽ ڪمزور نظر وارن ماڻهن جي لاءِ اطلاع پر ائين کڻي چئجي ته خوشخبري آهي، ته سائنسدانن مصنوعي ذهانت جي مدد سان بايونڪ وزن سسٽم تيار ڪري ورتو آهي، جنهن جي مدد سان هاڻي نابين انسان به ڏسي سگھندا، ان ٽيڪينيڪ کي فرانس جي بايو اليڪٽرانڪس ڪمپني ”پڪسيم وزن“ تيار ڪيو آهي ۽  ان کي پرائما وزن  جو نالو ڏنو آهي، ميڊٽيڪ فورم 2021ع طرفان ان ٽيڪنالاجي کي طب جي ميدان ۾ سڀن کان اهم ۽ ايندڙ نسل لاءِ سڀ کان اهم کوجنا قرار ڏنو ويو آهي، فرانس ۾ بصارت کا محروم پنجن مريضن تي ٽن سالن تائين ڪيل تجربن جي ڪاميابيءَ کان پوءِ ان ٽيڪنالاجي کي جلد ئي بازار ۾ آندو پيو وڃي، پڪسيم وزن جي سي اي او لائڊ ڊائمنڊ چيو آهي ته اها انقلابي ٽيڪنالاجي خاص ڪري اهڙن انسانن لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي، جيڪي اکين جي نور کان محروم آهن ڇاڪاڻ ته هن ٽيڪنالاجي يا سسٽم جي مدد سان هاڻي نابين انسان پوري طرح سان ڏسي سگھندا هي نظام مائڪرو اليڪٽرانس سافٽ ويئر ايلگورٿم وزيوئل پروسيسنگ ۽ نيورو بائلاجي  ذريعي مصنوعي ذهانت جي مدد سان ڪم ڪري ٿو  اسان پوين ڏهن سالن کان ان ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري رهيا آهيون  ۽ هن وقت  تائين ڪيترن ئي مريضن تي ان سلسلي ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا ويا آهن. 2019ع ۾ آمريڪا جي ڊيٽرائٽ ۽ پيرس ۾ ڪيل هيومن ٽرائلس ۾ به اسان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن اهو اسان جو حتمي ڪلينڪل ٽرائل هو ۽ هينئر ان ٽيڪنالاجي کي نئين ورزن سان گڏ جلد ئي بازار  ۾آندو ويندو، حتمي ٽرائل جي دوران اسان کي اها به  خبر پئي ته ڪمزور نظر وارا مريض هڪ ئي وقت ۾ اسان جي تيار ڪيل بايونڪ ٽيڪنالاجي ۽ عام ورزن واري ٽيڪنالاجي يعني ٻنھي قسمن جي ٽيڪنالاجين جو استعمال ڪري سگھن ٿا، واضح رهي ته هن وقت دنيا ۾ اٽڪل 4 ڪروڙ نابين انسانن کان سواءِ 5. 28 ڪروڙماڻھو ڪمزور نظر وارا به آهن، ان سان گڏ ئي 20 ڪروڙ ماڻهو عمر يا ٻين ڪن طبي يا طبعي مسئلن کان متاثر هئڻ سبب به نابينيءَ يا ڪم نظري جا شڪار آهن،نابينن جي مدد ڪندڙ پرائم ورزن مصنوعي ذهانت جي مدد سان تيار ڪيل هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جيڪا ريٽينا جي پويان کان هڪ گيٽ وي تيار ڪري ٿي، جيڪو گيٽ وي سگنلس کي ريٽينا مان دماغ جي وزن سسٽم (بصري نظام) ۾ موڪلڻ وارو ڪم انجام ڏئي ٿو ۽ ان ريٽينا جي پويان لڳل لائٽ ايڪٽيويٽ برين چپ سان ٺهڻ واري وزيوئل پئٽرن جي مدد سان مريض شين کي پنهنجن اکين آڏو ڏسي سگھي ٿو. هيءَ دنيا جي هڪ اهڙي نئين ايجاد آهي جيڪا يقينن بينائي کان محروم ماڻهن لاءِ تمام وڏي خوشخبري آهي، پر جيستائين اها ٽيڪنالاجي عام استعمال ۾ اچي اوسيتائين خاص ڪري ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز جي غريب ماڻهن کي انتظار ڪرڻو پوندو، ڇو ته انهن وٽ ايترا وسيلا نه آهن جو اهي ڄاڻايل ملڪن ۾ وڃي علاج ڪرائي سگهن، هونئن به جديد دنيا اندر ٿيندڙ جديد ايجادون اسان تائين پهچندي پهچندي پراڻيون ٿي وينديون آهن، سواءِ ڪورونا ويڪسين جي جيڪا تياري کانپوءِ 6 مهينن جي اندر اندر سڄي دنيا تائين پهتي آهي، پوءِ به يقينن اها آس ضرور آهي ته هاڻ بينائي کان محروم ماڻهو به جديد علاج وسيلي دنيا جي رنگينين کي ڏسي سگهندا ۽ اهو به ممڪن آهي ته اها ٽيڪنالاجي به ڪجهه سالن اندر اسان وٽ پهچي وڃي، ڇو ته دنيا هن وقت هڪ گلوبل ڳوٺ بڻجي چڪي آهي ۽ يقيني طور تي ان جي جديد تحقيق جي ثمر تي به سموري ڳوٺ جو پورو پورو حق ٺهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو