ايڊيٽوريل
ڪنڌڪوٽ ڀرسان معمولي ڳالهه تان شروع ٿيل قبيلائي تڪرار تان گذريل ڏينهن جاگيراڻي ۽ سبزوئي برادري جي هٿياربندن ڳوٺ زمان چاچڙ تي ڳرن هٿيارن سان حملو ڪري ٽن ڀائرن سميت 9 ڀاتي قتل ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته خطرناڪ خوني حملي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڌرين ۾ مال جي چوري تان ڪجهه سال اڳ شروع ٿيل تڪرار ۾ هن وقت تائين 19 حياتيون اجل جو شڪار ٿي چڪيون آهن، حملي بابت رپورٽون آهن ته هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري 3 ڀائرن حامد، خالق ۽ حضوري چاچڙ سميت سندن گهرڀاتين راحب، شعبان، شاهمراد، منظور، محمد، انور ۽ الهورائي چاچڙ کي به قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس مقتولن جا لاش کڻائي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا، هڪ ئي گهر مان 9 ڀاتين جا لاش کڄڻ وقت قيامت صغريٰ جا منظر نظر آيا، مقتولن جي وارثن چيو آهي ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ظالمن 9 ڀاتي قتل ڪيا آهن، جڏهن ته ايس ايس پي امجد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته واقعو قبيلائي تڪرار سبب پيش آيو آهي، ملوث جوابدارن خلاف آپريشن شروع ڪنداسين، اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته قتل ٿيل 9 گهرڀاتي عيد تي پاڻ ۾ گڏ ٿيا هئا ۽ ٽئي ڀائر ۽ سندن پٽ پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا ته هٿياربندن اوچتو حملو ڪيو. قتل ٿيل ٽن ڀائرن مان ڀائرن جا ٻه پٽ به گولين جو بک بڻجي ويا آهن، هيءُ انتهائي دردناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن تي يقينن هر احساس رکندڙ دل ضرور رُني هوندي، پر افسوس اهو آهي ته سرڪار جي اکين ۾ اڃا تائين ڪو ڳوڙهو نٿو اچي، سنڌ اندر عيد جي ٽن ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا انهن برادري تڪرارن ۽ ٻين معمولي ڳالهين تان قتل ٿي چڪا آهن، ائين ٿو لڳي ته صوبي ۾ جهنگ جو قانون هجي، جنهن کي جتان ٿو اچي اهو هٿيار کڻي ڪنهن کي به ماري آساني سان فرار ٿي وڃي ٿو، عيد واري ڏينهن فيض گنج ۾ سول جج ملير علي مردان چانگ جي ڀيڻيويي ۽ استاد عابد چانگ کي قتل ڪيو ويو، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ايس ايڇ او سميت سڄي نفري موڪل تي ويل هئي ۽ ننڍي منشي سميت رڳو 3 اهلڪار ٿاڻي تي موجود هئا، جيڪي رڳو لاش کڻائي ضروري ڪارروائي واري ڊيوٽي پوري ڪري وري ٿاڻي تي سمهي رهيا، سنڌ اندر ٿيندڙ قتلام ڏسي هونئن به لڳي ائين ٿو ته سڄي صوبي جي پوليس گهري ننڊ ستل آهي، قانون جي حڪمراني وارو سوال ڄڻ ته هتي لاڳو ئي نه آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڏوهاري ذهن رکندڙ ماڻهن کي وڌيڪ شهه ملي ٿي ۽ اهي هڪ جي پٺيان ٻيو ۽ ٻئي جي پٺيان ٽيون ۽ ائين لڳاتار ماڻهو ماريندا رهن ٿا، پر قانون جي گرفت ۾ نٿا اچن، اسان سمجهون ٿا ته اها صورتحال انتهائي ڏکوئيندڙ، خطرناڪ آهي، جنهن تي ڌر ڌڻين کي يقينن نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت کي هاڻ غفلت جي ننڊ مان جاڳڻ گهرجي، برادري ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڏوهاري ذهن رکندڙ ماڻهن جي سرپرستي برادرين جا سردار ۽ چڱا مڙس ڪندا آهن ۽ جيئن ته سنڌ جو هر لٺ سردار اسيمبلي ۾ پڻ ويٺل آهي، ان ڪري انهن خلاف ڪارروائي جو سوچڻ به ڏوهه آهي ۽ اهي ئي ماڻهو جيڪڏهن ڪو ڏوهاري گرفتار ٿئي ٿو ته ان کي آساني سان آزاد ڪرائي ويندا آهن، نتيجي طور قانون هتي ڪوريئڙي جي ڄار وانگر بڻيل آهي، جنهن ۾ رڳو ڪمزور جيو ئي ڦاسن ٿا، باقي طاقتور ان کي سٽون هڻي ٽوڙي هليا وڃن ٿا، جيڪڏهن صورتحال اها رهي ته سنڌ صوبو جيڪو امن، تهذيب ۽ تمدن جي حوالي سان مشهور آهي، اهو اسان جي سرڪار ۽ عملدارن جي نااهلي سبب علائقائي غير طور ڄاتو ويندو، خدارا ڪجهه گورننس طرف پڻ ڌيان ڏنو وڃي ۽ صوبي اندر هلندڙ خونريزي بند ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.