ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايدهي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايدهي فلسطين ونڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، فيصل ايدهي ويزا جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي ان حوالي سان فيصل ايدهي جو چوڻ هو ته ايدهي فائونڊيشن جي تحت فلسطين ۾ امدادي ڪارروائين ۾ حصو وٺڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته سعد ايدهي سميت 5 ڄڻا فلسطين ونڃي رهيا اهيو، ان حوالي سان اسلام آباد ايدهي فائونڊيشن جي نمائندن جي فلسطيني سفير سان ملاقات ٿي آهي، فيصل ايدهي ٻڌايو ته فلسطيني سفير مطابق فلسطين ۾ دوائن جي وڌيڪ ضرورت آهي، مصر جي رستي فلسطين وينداسين ۽ مصر جي ويزا لاءِ به درخواست ڏني آهي، هن چيو ته دوائون ۽ خوراڪ به مصر مان خريد ڪيو وينديو، ان لاءِ 3 ڪروڙ جو بجٽ رکيو ويو آهي، حڪومت کان ان سلسلي ۾ ڪا به امداد نٿي کپي، عوام جي مدد سان سب ڪجهه ڪري وٺنداسين، جڏهن ته مصر پهچي پاڪستاني سفارتخاني سان رابطي ۾ رهنداسين.
140