100

ڇا اسرائيل پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب ٿي سگهندو…؟؟

ليکڪ: طفيل مگسي

ڪيترن ئي سالن کان اسرائيل پنهنجو پراڻو پلاند وٺڻ لاءِ بيقرار ۽ پريشان رهندو آيو آھي ۽ جنهن خاطر هو 90 سالن کان هڪ خاص اسڪيم تحت پنهنجو ڪم جاري رکندو پيو اچي، جنهن جا اصل ۾ ٻه بنيادي مقصد آھن. هڪ اهو ته مسجد اقصيٰ ۽ قبا سحري کي ڊاهي پٽ ڪري اتي وري هڪ ڀيرو هيڪل سليماني جي تعمير ڪئي وڃي. ٻيو اهو ته ان سڄي علائقي تي قبضو ڪيو وڃي.جنهن کي اسرائيل پنهنجي ميراث سمجهي ٿو. پر ٻن سببن جي ڪري هو هينئر تائين ان تي عمل ناهي ڪري سگهيو.هڪ اهو ته اسرائيل کي اسلامي دنيا کان شديد ردعمل جو خطرو آھي.ٻيو اهو ته پاڻ يهودين جي اندر مذھبي بنيادن تي ان مسئلي تي اختلاف رهيو آھي.انهن جي ويجهو هڪ ٽولي جو عقيدو آھي ته هيڪل جي تعمير ته مسيح ئي اچي ڪندو، جيستائين اهو نٿو اچي اسان کي انتظار ڪرڻ کپي.(چٽو رهي ته مسلمان ۽ عيسائي ته حضرت عيسيٰ عه کي مسيح مڃين ٿا) پر يهودي ان جو انڪار ڪن ٿا، جڏھن بيت المقدس جي فتح کانپوءِ هو ڀت گريا جي ڀر ۾ بيٺو هو.سندس لفظ ھينئن هئا ته ”اڄ اسان ملت يهود جي لاءِ مسيحي دور ۾ داخل ٿي رهيا آھيون“ انهن ئي ٻنهي سببن کان مسجد اقصيٰ کي ھڪدم ڊاھڻ بدران باھ ڏني هئي. اهو عمل (آگسٽ 1967) ۾ ڪيو ويو ته جيئن هڪ پاسي دنيا جو ردعمل ڏسي سگهجي ۽ ٻيو يهودي قوم کي اهڙي ڪارروائي لاءِ تيار ڪيو وڃي. ٻيو سبب ان جو اهو آھي ته ”ميراث جو ملڪ“تي قبضو ڪيو وڃي. اهو ميراث جو ملڪ ڇا آھي؟ اسرائيل جي پارليامينٽ جي نرڙ تي هي لفظ اڪريل آھن ”اي اسرائيل تنهنجيون سرحدون نيل کان فرات تائين آھن“ دنيا ۾ صرف اسرائيل ئي اهڙو ملڪ آھي جنهن کليل طور تي ٻين قومن جي ملڪن تي قبضي ڪرڻ جو ارادو ٺيڪ پنهنجي پارليامينٽ جي عمارت تي لکي رکيو آھي.ڪنهن ٻئي ملڪ اهڙي قسم جي جارحيت جي ارادي جو اظھار ائين ناهي ڪيو.ان منصوبي جي تفصيل جيڪا صيهوني تحريڪ جي ڇپيل نقشي ۾ ڏني وئي آھي.ان موجب اسرائيل جن علائقن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.انهن منجهان دريا نيل تائين مصر، اردن، شام، لبنان ۽ عراق جو وڏو حصو، ترڪي جو ڏاکڻو حصو شامل آھن، جيڪڏھن عرب دنيا جهڙي ريت هن وقت اسرائيل جي اڳيان گوڏا کوڙي رهي آھي ۽ اسلامي دنيا  مسجد اقصيٰ تي 1967ع ۾ ڏنل باھه تي جيڪو رد عمل ڏيکاريو هو، جيڪڏهن هن وقت اهڙو ردعمل نه ڏيکاريو ويو ته ممڪن آهي ته اسرائيل پنهنجي انهن ارادن ۾ ڪامياب ٿي وڃي جيڪي هو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسرائيلي بربريت کي روڪڻ لاءِ مسلم امت کي هڪ ٿي سنجيده معاملي تي مضبوط حڪمت عملي جوڙي قدم کڻڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو