ليکڪ: نادر علي مغيري
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن لاءِ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جو ھڪ واحد تعليمي ذريعو آهي، جيڪو بهتر مستقبل جي سلسلي ۾ هر ڪنهن لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻيل آهي. هن اداري جي بهتري، ترقي، ڀلائي ۽ تعليمي اوج لاءِ ماضي قريب ۾ مختلف وائيس چانسلرن پاران ڪهڙا قدم کنيا ويا، ان تي بحث ڪري وقت جو زيان ڪرڻ بدران موجوده وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙي جي تازو ئي شروع ٿيل ٽينوئر تي هڪ نظر وجهنداسين. موجوده وائيس چانسلر کي سيپٽمبر 2020ع ۾ قائم مقام وي سي مقرر ڪيو ويو ته هن فوري طور مالي ڏيوالپڻي جو شڪار يونيورسٽي کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جو پڪو پهه ڪيو. هي اهو وقت هو جڏهن گذريل وي سي جي اڻڄاڻائي سبب سنڌ يونيورسٽي ڏانهن قرضن ۽ بقاياجات جي مد ۾ تقريبن ھڪ ارب رپيا رهيل هئا، يعني يونيورسٽي ھڪ ارب رپين جي قرضي هئي، يونيورسٽي تباهي طرف وڌي رهي هئي، جيڪا پگهارن جي مد ۾ بئنڪن کان قرض وٺڻ جي نتيجي ۾ 25 لک ته ماهوار وياج ڀري رهي هئي. هي قرض 2019ع ۾ کنيو ويو. اهڙي وايومنڊل ۾ ڊاڪٽر ڪلهوڙي مختلف ڪوششون ورتيون ۽ قرض توڙي بقايائون لاهڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ شروع ڪيا. سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 2020ع کانپوءِ وري ڪورٽ جي حڪم تي فتح محمد برفت جي ٻيهر بحالي سبب ڊاڪٽر ڪلهوڙي جي ڪيل ڪوششن تي ڄڻ ته پاڻي ڦري ويو ۽ بحال ٿي آيل وي سيءَ وري پنهنجون يونيورسٽي دشمن پاليسيون جاري رکيون ۽ ويندي ويندي 57 کن نوڪرين جا آرڊر جاري ڪري ويو، بلڪل ايئن ڄڻ يونيورسٽي سندس ذاتي جاگير ھجي! ان سان يونيورسٽي تي مالي دٻاءُ گهٽجڻ بدران ويتر وڌڻ لڳو. انهن ڀرتين ۾ 17 ملازمن کي سڌيءَ ريت 16 گريڊ ۽ باقي 14، 12، 11 ۽ نائين گريڊ ۾ مقرر ڪيا ويا ۽ کين ريگيولر آرڊر ڏنا ويا. اڳتي هلي جنوري 2021ع ۾ ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو ته هن آڪٽوبر 2020ع دوران ڪيل پنهنجين ڪوششن تي ٻيهر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن دوران ھن ھڪ ارب رپين جي قرضن ۽ ٻين واجبات کي لاهڻ لاءِ عملي قدم کنيا، جن تي اڳتي هلي روشني وجھون ٿا پر پاڻ في الحال تازي صورتحال طرف اينداسين. سخت مالي ڏکيائين باوجود وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙي جي هدايتن تي سمورن ملازمن کي آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر 2020ع ۽ جنوري 2021 ع تائين سنڌ حڪومت پاران 5 ۽ 10 سيڪڙو وڌايل انڪريمينٽ جو ڊفرنس 6 مئي تي ئي جاري ڪيو ته جيئن سمورا ملازم، آفيسر ۽ ٽيچر عيد جي تياري ڪري سگهن. ملازمن جي ڪنهن به مطالبي کانسواءِ ڄاڻايل چئن مهينن جو ڊفرنس ۽ ڊسمبر جي انڪريمينٽ ۽ ٻين انڪريمينٽس جا پئسا سندن اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيا ويا، ان کان اڳ به ملازمن جا رهيل واجبات کين ادا ڪيا ويا، جنهن ۾ 2019ع ۾ بيچلرس ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرامن لاءِ ٿيل انٽري ٽيسٽ جا پئسا به شامل آهن، جيڪي موجوده وي سي پاران ادا ڪرايا ويا. آڪٽوبر ۽ نومبر 2019ع ۾ ٿيل انٽري ٽيسٽ جي ڊيوٽين جا پئسا گذريل وي سيءَ ٻن سالن تائين ملازمن کي ادا نه ڪيا، پر اهي ئي ملازم خاموش رهيا ۽ اهڙو ڪو مطالبو ئي کانئس نه ڪيو، ڏٺو وڃي ته يونيورسٽي آف سنڌ ڪو 3 يا 6 مهينن کان وٺي مالي بحران جي ور چڙهيل ناهي پر اها گذريل پنجن سالن کان اڳوڻي وائيس چانسلر جي غلط پاليسين ۽ اڻڄاڻائي سبب مالي ڏيوالپڻي کي منهن ڏئي رهي آهي. گذريل دؤر ۾ قرضن مٿان قرض کڻي يونيورسٽيءَ کي هلايو ويو، ايستائين جو نومبر 2019ع ۾ هڪ اهڙو وقت به آيو جو بئنڪن جي قرضن جي ادائيگي جي حد ختم ٿي وئي ۽ ڪا به بئنڪ ساليانه 4 ارب کان وڌيڪ جي بجيٽ رکندڙ يونيورسٽي کي قرض ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي، جڏهن ته ادارو کنيل قرضن جي مد ۾ وياج ڀريندو رهيو ۽ برفت وي سي طور اهي دعوائون ڪندو رهيو ته سڀ سٺو آهي. موجوده وائيس چانسلر جي يونيورسٽيءَ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جا ثمر ٽن مهينن اندر ئي اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن جو ثبوت 2020ع ۾ سنڌ حڪومت پاران وڌايل 5 ۽ 10 سيڪڙو پگهار جنوري 2021ع تائين سڀني ملازمن کي هلندڙ مهيني جي 6 تاريخ تي ادا ڪرڻ آهي، جڏهن ته پينشنرن کي اهو ڊفرنس يونيورسٽي اڃا تائين نه ڏئي سگهي، جيڪا بقايائن ۾ شامل آهي. ان جو سبب فنڊن جي گهٽتائي آهي. هن وقت وائيس چانسيلر جون ڪوششون جاري آهن ته ڪيئن به ڪري فنڊز حاصل ڪري پنهنجن پينشنرز کي به ڊفرنس ڏئي ڇڏجي ته جيئن هو پڻ پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪري سگهن. اصل ۾ ڪورونا وائرس جي رنڊڪن سبب يونيورسٽيءَ جي آمدنيءَ جا ذريعا وقت تي نه اچڻ سبب ڏکيائين ۾ ڪجهه اضافو ٿيو آهي. امتحان ۽ داخلائون وقت تي نه ٿيون آهن، جنهن ڪري فنڊز جنريٽ ڪرڻ ۾ وقت لڳي رهيو آهي. ان باوجود وي سي ننڍن ملازمن کي وردي الائونس، 3 ميڊيڪل ري امبرسمينٽ، درخواستون ڏيندڙ سمورن ملازمن کي ميڊيڪل لون ۽ ٻيون مالي سهولتون فراهم ڪيون آهن، هي ڪو معمولي ڪم ناهي، پر انکي درست مينيجمينٽ جو نتيجو چئي سگهجي ٿو. وائيس چانسيلر پنهنجن محدود وسيلن باوجود برفت جي دور جا ھڪ ارب رپيا قرض ۽ بقايائون ادا ڪري رهيو آهي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد طرفان گرانٽ جي صورت ۾ هر مهيني جيڪي پئسا يونيورسٽيءَ کي ملن ٿا، اهي ماهوار پگهارن ۽ پينشن جو ڪل 40 سيڪڙو ھوندا آهن، باقي 60 سيڪڙو يونيورسٽيءَ کي پنهنجن وسيلن مان بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. اها ڳالهه سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. يونيورسٽي ماهوار پگهارن ۽ پينشنز جو بندوبست ڪٿان ڪندي، ظاهر آهي ته ادارو داخلائن ۽ امتحانن واري سرشتي تي ئي مالي دارومدار رکي ٿو، جيڪي هن وقت ڪورونا وائرس جهڙي عالمي وبا سبب ڊانواڊول ۽ سست رفتاري جو شڪار آهن. ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته حڪومت پاران 5 ۽ 10 سيڪڙو وڌايل پگهارن کانپوءِ ايڇ اي سي يا صوبائي حڪومت پاران ملندڙ گرانٽ ۾ هڪ رپيو به نه وڌايو ويندو آهي، انهيءَ واڌ جو بار به سڌو سنئون يونيورسٽيءَ جي ڪلهن تي پوندو آهي. اهڙي صورتحال باوجود ڄاڻايل انڪريمينٽ ملازمن کي يونيورسٽيءَ جي ذاتي وسيلن مان ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت جي فيصلن تي عمل ڪرڻ ضروري هوندو آهي. نه فقط ايترو پر فوتي ڪوٽا تحت آڪٽوبر 2020ع تائين نوڪرين لاءِ جيڪي درخواستون آيون، انهن جا انٽرويوز به موجوده وائيس چانسلر پنهنجي قائم مقام وي سي هئڻ دؤران ڪرايا، جن کي آرڊر به مليا ۽ پگهارون به جاري ٿي ويون، جنهن سبب سندن گهرن جي چلهه ٻري رهي آهي. اهڙيءَ طرح آڪٽوبر 2020ع کان پوءِ فوتي ڪوٽا تحت جيڪي درخواستون مليون آهن، تن جون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن ۽ انهن جا ورڪنگ پيپر به تيار آهن. جلد اميدوارن جا انٽرويوز ڪيا ويندا، جنهن بعد کين بنا دير جي آرڊر ڏنا ويندا. وائيس چانسلر انسان دوست هئڻ سبب هميشه ملازمن جو سوچي ٿو ۽ سندن لاءِ دل ۾ درد رکي ٿو، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته بينيوولينٽ لون به مشڪل ترين مالي حالتن باوجود گريڊ هڪ کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن کي ڏنو پيو وڃي. هيستائين هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا انهيءَ مد ۾ قرض ملازمن کي ڏنو ويو آهي، جنهن تي ڪو به وياج وغيره شامل ناهي. گذريل ڇهن مهينن دؤران 1542 ملازمن کي وردي الائونس ڏنو ويو ۽ 608 ملازمن کي سيپٽمبر 2020ع کان اڄ ڏينهن تائين موجوده وي سي جي هدايتن تي بينيوولينٽ لون ڏنو ويو آهي، توڙي جو يونيورسٽي پاڻ قرضي آهي. ان کانسواءِ ٽيڪنيڪل اسڪيم تحت سيپٽمبر 2020ع کان پوءِ 101 ملازمن کي 2-2 گريڊ وڌائي پروموشن ڏنو ويو، جن ۾ چوڪيدار، ڊرائيور، ليب اٽينڊنٽ، ليب اسسٽنٽ ۽ ٻيا ٽيڪنيڪل ملازم شامل آهن. ليب اسسٽنٽس کي 13 مان 15 گريڊ ڏنو ويو، جنهن ۾ سيوا جي ختم ٿيل باڊيءَ جو صدر به شامل آهي، جنهن جون اينيوئل ڪانفيڊنشل رپورٽس صحيح ڊيوٽي نه ڪرڻ سبب درست نه هيون، جن کي ايڪسپنج يعني درست ڪرائي کيس پروموشن ڏنو ويو. اهڙو عمل وائيس چانسيلر جي دور انديشي ۽ انساني همدرديءَ جو هڪ اعليٰ مثال آهي. 101 ملازمن جي اهڙن پروموشنز سان يقينن يونيورسٽي تي مالي بار وڌندو، پر ان جي ڪا به پرواهه ڪرڻ بدران ملازمن کي فائدو ڏنو ويو. ملازمن کي مالي فائدا ڏيڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ خرچ گهٽايا ويا، ايتري تائين جو وائيس چانسلر پنهنجي ڪانٽيجنسي وغيره به بند ڪري ڇڏي آھي ۽ سرڪاري خرچ تي آفيس ۾ ڪم ڪار دوران چانهه به پيئڻ پسند نه پيو ڪري. ان جي تصديق ڪرائي سگهجي ٿي. نه ته ان کان اڳ واري وي سي جي دور ۾ وي سي آفيس توڙي هائوس ۾ يونيورسٽي جي خرچ تي دعوتون ٿينديون رهيون، ھائوس تي روح رھاڻ لاءِ راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون رھيون، يونيورسٽي ۾ ميلا لڳندا رهيا ۽ اجاين پروگرامن تي لکين رپيا خرچ ٿيندا رهيا. موجوده وائيس چانسلر بهترين مالي پلاننگ ڪئي آهي، جنهن ۾ سادگي وارن اپائن سميت خرچ گهٽائڻ لاءِ مختلف قدم شامل آهن. انهيءَ حڪمت عمليءَ تي عمل جاري آهي. موجوده دور ۾ نه فقط ملازمن کي جوڳيون سهولتون ڏنيون ويون، پر وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو پنهنجي شاگردن کي به نه وساريو ۽ سيپٽمبر 2020ع کان پوءِ هن وقت تائين احساس اسڪالرشپ، ڊسٽرڪٽ زڪوات ۽ عشر توڙي نيڊ ڪم ميرٽ ۽ ٻين اسڪالرشپس جي مد ۾ 1313 ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ جي بنياد تي مجموعي طور 7 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا آهن ۽ سوا ڪروڙ جي رقم اڃا ادا ڪرڻي آهي، جيڪا يونيورسٽي جي الڳ اڪائونٽ ۾ امانت طور رکيل آهي ۽ يونيورسٽي کلندي ئي انٽرويوز بعد اها امانت به مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين حوالي ڪئي ويندي. ايڇ اي سي جي سالياني 1800 ملين يعني هڪ ارب 80 ڪروڙ رپين جي گرانٽ مان به 5 سيڪڙو شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ مخصوص ٿيل آهي ۽ موجوده وائيس چانسيلر پنهنجي قائم مقام وي سي شپ دؤران آڪٽوبر 2020ع ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اها رقم مستحق شاگردن کي ملي ۽ فوري طور اها رقم انٽرويوز ذريعي مستحق شاگردن حوالي ڪرائي ته جيئن سندس بعد اها رقم ٻين مدن ۾ نه ڳڙڪائي وڃي. جيئن اوهانکي آگاهه ڪري چڪا آهيون ته ايڇ اي سي سالياني 1800 ملين گرانٽ ڏئي ٿي، جيڪا 12 مهينن جي پگهارن ۽ پينشنز لاءِ اڌ کان به گهٽ صرف 40 سيڪڙو آهي، جڏهن ته يونيورسٽيءَ کي اضافي 3200 ملين يعني 3 ارب کان مٿي رقم پنهنجن وسيلن مان گڏ ڪري پگهارون، پينشن ۽ ٻيا خرچ پورا ڪرڻا پون ٿا. هاڻي اچون ٿا ليو انڪيشمينٽ تي ته حقيقت اها آهي ته ليو انڪيشمينٽ غير قانوني آهي، جيڪا سنڌ يونيورسٽي موجوده حالتن ۾ قطعي نٿي ڏئي سگهي. ماضيءَ ۾ فنڊ وافر مقدار ۾ موجود هئا ته 2014ع کان 2020ع تائين سمورن ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ جي ادائيگي ٿيندي رهي. موجوده مالي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، جنهن ۾ ائين نٿو ڪري سگهجي. وسيلن جي کوٽ کانسواءِ ليو انڪيشمينٽ خلاف نيب جي ايڊوائيزري ۽ ڊي جي آڊٽ سنڌ جا اعتراض به موجود آهن، جن ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سال ۾ مهينا 12 آهن ته پگهارون 13 ڇو پيون ادا ڪيون وڃن. حقيقت ۾ خراب مالي حالتن باوجود ملازمن کي وردي الائونس، ميڊيڪل لون، انڪريمينٽ، ڊفرنس جا پئسا ۽ ٻيون مالي رعايتون ملڻ باوجود ليو انڪيشمينٽ جهڙي غير قانوني مطالبي لاءِ ملازمن پاران احتجاج جو جيڪو ڊرامو شروع ڪيو ويو آهي، اهو غلط عمل آهي. ملازم ان حقيقت کان چڱيءَ ريت واقف آهن ته ملڪ ۾ڪورونا جي ٽئين خطرناڪ لهر جاري آهي، جنهن سبب حڪومت پاران عوامي مدد لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ لاڪ ڊائون به جاري آهي، اهڙي صورتحال ۾ ملازمن پاران ايس او پيز جي پرواهه ڪرڻ بغير احتجاجي ڌرڻا هڻڻ پاڻ سان گڏ ٻاهران گهرايل پنهنجن دوستن ۽ ساٿي ملازمن جون زندگيون به خطري ۾ وجهڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي،صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن پاران تعليمي ادارن ۾ صرف 20 سيڪڙو ملازم گهرائڻ واري هداينامي کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ به ايئن ڪيو ويو، پر جيڪڏهن غيرقانوني طور ڪم ڪندڙ تنظيم سيوا جا ڪجهه ملازم هجوم جي صورت ۾ گڏ ٿي سڀني جون زندگيون داءَ تي لڳائيندا ته پوءِ قانون حرڪت ۾ اچي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملازمن جون زندگيون انتهائي عزيز آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمن جي اڪثريت سمجهدار، محنتي ۽ فرض شناس آهي، جن هميشه احتجاج جي سياست کي رد ڪيو آهي ۽ هن ڀيري به پنهنجي ٻن سالن جو مدو پورو ڪندڙ سيوا جي موجوده باڊي جي احتجاج واري ڊارمي کان هو ڪناراڪش آهن. هتي هڪ ڳالهه رڪارڊ تي رکڻ ضروري آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم سيوا تي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ طرفان پابندي لڳل آهي جو اها مختلف يونيورسٽين ۾ وڃي غيرقانوني احتجاج ڪندي رهي، جنهن سبب ان تي ٻين ايسوسيئيشنز کي ڀڙڪائي مختلف ادارن ۾ صورتحال کي خراب ڪرڻ جا الزام لڳل آهن. سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ پاران پابندي لڳائڻ بعد سيوا اسٽاڪ ايڪسچينج جي هڪ بزنس ڪمپنيءَ وٽان رجسٽريشن ڪرائي، جنهن کانپوءِ اها هاڻي ويلفيئر باڊي ناهي رهي پر اها بزنس ڪندڙ ماڻهن جي تنظيم چئي سگهجي ٿي.اصل ۾ ليو انڪيشمينٽ ان بنياد تي ڏيڻ شروع ڪئي وئي هئي ته ملازمن جون سال ۾ 45 موڪلون هونديون آهن، اگر هو انهن موڪلن مان 30 ڏينهن بچائين ٿا ۽ موڪلون نه ٿا ڪن ته کين هڪ مهيني جي پگهار عيد کان اڳ ادا ڪئي ويندي. هاڻي جيڪڏهن نظر جا گهوڙا ڊوڙايون ٿا ته خبر پوي ٿي ته 2020ع وارو سال ڪورونا وائرس جي نذر رھيو، جنھن سبب تقريبن 6 مهينا ته يونيورسٽي مڪمل طور بند رهي ۽ سمورا ملازم موڪلن جو مزو ماڻيندا رهيا، اهڙي صورتحال ۾ کين ڪهڙي ليو انڪيشمينٽ ملي! سيوا وارا احتجاج دوران ننڍن ملازمن کي اھو باور ڪرائڻ جي ڪوشش پيا ڪن ته ھو ئي سندن خيرخواھ آھن، جيڪي ليوانڪيشمينٽ جي ادائيگي لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن پر وي سي اھڙي ادائيگي ڪرڻ کان انڪاري آھي. اھڙو عمل حقيقت ۾ پرامن سوين ملازمن کي ڀڙڪائڻ جي برابر آھي. ملازم اڳواڻ اھڙي گمراھ ڪن پروپيگنڊا کان پاسو ڪن. احتجاجي ملازم اھو به چئي رھيا آھن ته وي سي گذريل 8 سالن تائين پاڻ ليوانڪيشمينٽ وٺندو رهيو ۽ ھاڻي وي سي ٿيڻ بعد ھو ملازمن کي ليوانڪيشمينٽ ڏيڻ جي خلاف آھي پر اصل ۾ مسئلو فنڊن جي کوٽ، نيب ايڊوائيزري ۽ ڊي جي آڊٽ سنڌ جي اعتراضن جو آھي. اھا ڳالھ ھر ننڍي وڏي معاملي تي احتجاج جي راھ اختيار ڪندڙ سيوا کي سمجھڻو پوندو.
nadirmugheri@yahoo.com