156

قبيلائي جهيڙا روڪڻ کانسواءِ امن ڪيئن ٿيندو..؟؟

ليکڪ: سڪندر بوزدار

جيڪڏهن اتر سنڌ جي  ضلعن ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي ۾ نظر ڦيرائينداسين ته قبائلي جيهڙن جا سبب ننڍين ننڍين ۽ ٻاراڻيون ڳالهيون ئي نظر اينديون، جن ۾ پوک ڀيلائڻ، هوٽل تي ويهي شهپر وٽڻ، يا وري ذات برادرين جي نفرت، تعصب، چوري چڪاري، سڱاوتي تڪرار، بدلي جي باهه ۽ ٻيا اهڙا معمولي سبب آهن، جن تي ويچارجي ته هوند ايترا خون نه ٿين نه ئي انساني جانيون ضايع ٿي سگهن، محسوس ائين ٿو ٿئي ته جئين اسلام کان اڳ عربن ۾ 40 سالن تائين پيا جهيڙا هلندا هئا، ائين ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي  ۽ ٻين ضلعن ۾ قبائلي تڪرار هلي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن جا تفصيل معلوم ڪبا ته پتو پوندو ته ڪيئي انساني جانيون وٺندڙ تڪرار پٺيان ڪا ٻارن جي ڳالهه يا وري معمولي معاملو هوندو آهي، پر جهيڙو ائين شروع ٿيندو جو نه حملو ڪندڙ ڌر ۽ نه ئي وري ٻئي ڌر جو ڪو ٻار، بزرگ يا نياڻي محفوظ هوندي، ان باهه ۾ راهگير به سڙندا ٿه اهي ماڻهو ماريا ويندا جن جو ان سڄي معاملي سان ڪو پري پري جو واسطو به نه هوندو، رڳو ذات يا برادري جو هجڻ ڪري کين جهيڙي جو ٻارڻ بڻايو ويندو آهي، اتر سنڌ جي مختلف ڌرين ۾ هن وقت قبائلي تڪرار هلي رهيا آهن، اتي ائين ٿو لڳي ته قانون نالي ڪا شيءِ نه آهي، علائقا برادرين ۾ هلندڙ جهيڙن سبب هر وقت غير محفوظ بڻيل آهن، اتي پراڻن خانداني جهيڙن، زميني تڪرارن، سڱاوتي معاملن ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري مختلف برادريون هڪ ٻئي جا ماڻهو مارڻ ۽ گهر ساڙڻ کان وٺي ڪنهن به قسم جي نقصان پهچائڻ کان نه ٿيون ڪيٻائين، ان ڪري اتي رهندڙ ٻين برادرين جا ماڻهو به جهيڙن جي زد ۾ اچي وڃن ٿا، جنهن ڪري وري انهن جي برداري به جهيڙن ۾ ڪاهيو پوي، ائين هڪ ٻيو قبائلي تڪرار شروع ٿيو وڃي. ٻه ڏينهن اڳ ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جي زمين کي چاچڙ برادري جي ماڻهن جي ناحق رت سان ريج ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جي 9 ڀاتين جو ناحق قتل عام ڪري ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته سبزوئي ۽ جاگيراڻي برادرين جي هٿياربندن عيد ڪچهري تي گهر ۾ گڏجي ويٺل چاچڙ برادري جي ڳڀرو نوجوانن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، اسان وٽ قانون جي رٽ ڪمزور آهي، وک وک تي پوليس ۽ رينجرز جو چيڪ پوسٽون ٺهيل آهن ان باوجود ڏوهاري قسم جي ماڻهن وٽ جديد هٿيار ڪيئن ٿا پهچن؟ ڏوهاري قسم جا ماڻهو هٿيارن سان ليس ٿي ڳيرن جيان ڳڀرو نوجوان ماريندا وتن ٿا، کين ڪير پڪڙڻ وارو به ناهي، ٻڌايو پيو وڃي پراڻي تڪرار تان قاتلن هي ڪارروائي ڪئي آهي، بدنصيب ڳوٺ زمان چاچڙ جي هڪ گهر جي ٽن ڀائرن حامد، حضورو ۽ خالق چاچڙ سميت راحب، شعبان، شاهمراد، منظور احمد، محمد انور ۽ الهورايو چاچڙ سميت هڪ ئي گهر جا 9 ڀاتي ماريا ويا آهن، جنهن بعد هٿياربند خوشي مان فائرنگ ڪندا آساني سان فرار به ٿي ويا آهن، انهن مقتولن جون مائرون ۽ ونيون لاشن کي چنبڙي بيهوش ٿينديون رهيون، ڪنڌڪوٽ پوليس واقعي کانپوءِ آپريشن تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن اهو آپريشن اڳ ۾ ئي تيز ٿيل هجي ها ته هي واقعو ئي نه ٿئي ها، پوليس جي رٽ ڪمزور آهي، هٿيار بند ماڻهن کي پوليس مان خوف ناهي، تڏهن ته هانوَ ڏاڙيندڙ واقعو ڪري فرار ٿي ويا، منهنجي نظر ۾ هن کي قبيلائي تڪرار نه چئجي، هي دهشتگردي آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اهڙن رهزنن کي دهشتگردن جيان منهن ڏيڻ گهرجي، ايس ايس پي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ امجد شيخ سٺي ساک رکندڙ آفيسر آهي، هن دفعي ايس ايس پي امجد شيخ کي ڏوهاري قسم جا ماڻهو شايد ايڏي قهري ڪارروائي ڪري چئلينج ڪري ويا آهن، ڪنڌڪوٽ پوليس کي صحيح معنيٰ ۾ آپريشن تيز ڪري سفاڪ قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي، قبيلائي تڪرارن سبب شهر ڳوٺ ويران ٿي وڃن ٿا اسڪولن کي تالا لڳي وڃن ۽ اسڪولن ۾ استاد ۽ شاگردن جي جاءِ تي هٿيار بند ماڻهو مورچا ٺاهي ويهي رهن ٿا جنهن ڪري نسلن جا نسل تعليم جي زيور کان محروم ٿي وڃن ٿا، ظاهر آهي جتي تعليمي شعور نه هوندو ته اتي هٿيارن جو شور هوندو پابندي پيل ۽ قانون لاڳو ڪندڙن واري بور جا هٿيار ڏوهارين وٽ هوندا ته ڌرتي لهو سان لال ٿيندي، حڪومتن کي جرڳائي فيصلن تي پابندي هڻي ان پابندي تي سختي سان عمل ڪرائڻ گهرجي جنهن به ماڻهو تي سنگين ڪيس هجن ان کي هر حال ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهارڻ گهرجي. وقت جي سرڪار جي اها ذميواري آهي ته ڪنڌڪوٽ ضلعي سميت پوري سنڌ مان قبائلي جهيڙن جو خاتمو ڪري امن بحال ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو وڃي، يقينن اهو ڪم انتهائي اهميت وارو آهي. جيڪڏهن اسان هاڻ به اک نه پٽي ته سنڌ جي آبادي ائين ئي پاڻ ۾ وڙهي مري ختم ٿي ويندي ۽ ڌاريا اسان جي وسيلن جي سرعام ڀيل ڪندا ته هيءَ ڌرتي به هٿن مان هلي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو