ايڊيٽوريل
غزه ۾ اسرائيل جي بمباري ٻئي هفتي ۾ داخل ٿي وئي آهي، صبح جو اسرائيلي جنگي جهازن غزه واري ساحلي علائقي ۾ سخت بمباري ڪئي، حملن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ عمارتن کي نقصان پهتو آهي، ٻن هفتن جي حملن ۾ 85 ٻارن ۽ 34 عورتن سميت شهيد ٿيلن جو انگ 218 ٿي وي آهي، جڏهن ته ساڍا 5 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي آهن، گذريل ڏينهن ٿيل حملن ۾ 8 ٻارن ۽ 2 ڊاڪٽرن سميت 42 فلسطيني شهيد ٿيا هئا، دنيا جي لٺ سردار آمريڪا اسرائيل ۽ فلسطين تي زور ڏنو آهي ته اهي تشدد جو رستو ڇڏي سيز فائر ڪن، آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ڊينمارڪ ۾ چيو آهي ته ڌريون عام شهرين جو تحفظ ۽ خاص طور تي ٻارن جي حفاظت يقيني بڻائين، هن چيو ته تشدد جي تازي لهر ختم ڪرائڻ لاءِ سفارتڪاري ڪندا رهنداسين ۽ جيڪڏهن ڌريون سيز فائر چاهين ٿيون ته تعاون لاءِ تيار آهيون، باقي ڪنهن مٿان به دٻاءَ نه وڌو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا جي آفيسن واري عمارت ۾ حماس جي موجودگي جو ڪو به ثبوت نظر ناهي آيو، اسرائيل کان ميڊيا هائوسز کي نشانو بڻائڻ جي وضاحت گهري آهي ۽ چيو آهي ته حملي جو جواز ٻڌائي ته ڇو ڪيو ويو؟ اسرائيلي حملن خلاف پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ گڏيل قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف مٿان ڪو به داغ اچڻ نه ڏيندي، اسان اسرائيلي جارحيت خلاف سلامتي ڪائونسل جي سمورن ميمبرن کي قائل ڪري چڪا هئاسين، پر آمريڪا ويٽو جو حق استعمال ڪري گڏيل بيان جي راهه ۾ رڪاوٽ وڌي، هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ فلسطين جي مسئلي جي ٻه رياستي حل تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وچ اوڀر ۾ ديرپا امن جي ڪنجي فلسطين آهي، او آءِ سي جي اجلاس ۾ به ٻه رياستي حل تي ڳالهه ٿي آهي، اسان کي فلسطينين کي طاقت جي زور تي بيدخل ڪرڻ قبول نه آهي. هن چيو ته مون ڪالهه رات ترڪ پرڏيهي وزير سان رابطو ڪيو ۽ اسان غير مشروط حمايت جو اعلان ڪيو، آبادي جي حسان سان ٿيندڙ تبديليون قبول نه آهن، ان موقعي تي جمعي ڏهاڙي فلسطينين سان ٻڌيءَ جو سرڪاري سطح تي ڏهاڙو ملهائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.اسان سمجهون ٿا ته فلسطين ۽ ڪشمير ٻه اهڙا مسئلا آهن جن دنيا جي انساني حقن جي چيمپيئن سڏائيندڙ ملڪن جي چهرن تان نقاب لاهي ڇڏيا آهن، خاص ڪري آمريڪا جو فلسطين معاملي تي جيڪو رويو آهي، ان جي به سخت لفظن ۾ مذمت ٿيڻ گهرجي، هڪ طرف آمريڪا چين ۾ اويغور مسلمانن تي ظلم خلاف آواز اٿاري چين کي سوڙهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف فلسطين ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ اسرائيل جي حملن کي اسرائيل جو حق تسليم ڪري آمريڪا پنهنجي چهري کي پاڻ ئي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، هي مسئلو ڪو اڄ جو مسئلو نه آهي، بنيادي طور تي هي مسئلو حق ۽ باطل جو مسئلو آهي، سڄي دنيا فلسطين جي مسئلي تي تماشائي بڻيل آهي ۽ عالمي ضمير جي خاموشي ٻڌائي رهي آهي ته ڀلي پاڻ کي لبرل سڏائيندڙ ملڪن جو عوام لکن جي تعداد ۾ ٻاهر نڪري اسرائيلي بربريت خلاف آواز بلند ڪري ، پر اتي جي حڪمرانن تي ان جو ڪو به اثر نٿو پوي، انهن جي ڳٺ جوڙ ئي بنيادي طور تي فلسطين مسئلي جي پرامن حل ۾ رڪاوٽ آهي، فلسطين جي مسئلي تي او آءِ سي جو ڪردار به ڪو چٽو واضح نه آهي، اهي به رڳو هڪ اجلاس ۾ بيان جاري ڪري جان ڇڏائڻ ۾ پورا آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مسئلي جي حل لاءِ دنيا جي سمورن ملڪن کي سنجيدگي سان قدم کڻڻا پوندا، ٻي صورت ۾ اهو قتل عام رڪجي نه سگهندو.