116

رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ اڃان تائين ڪنهن به وزير يا صلاحڪار جي ملوث هجڻ جو ڪوبه ثبوت ناهي مليو: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ اڃان تائين ڪنهن به وزير يا  صلاحڪار جي ملوث هجڻ جو ڪوبه ثبوت ناهي مليو، فواد چوڌري ٽوئٽر تي  جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ۾  ئي الزام لڳندا آهن ته جاچ ٿيندي آهي ، وفاقي وزير چيو ته اهائي نظام ۾ تبديلي آهي ته حڪومتي اهلڪارن کي احتساب جو ڊپ هجڻ گهرجي، هائوسنگ سوسائٽيز کي فائدو پهچائڻ لاءِ رنگ روڊ کي 23 ڪلو ميٽر تائين وڌايو ويو آهي، فيصلي سبب حڪومت کي 20 ارب روپيه اضافي زمين جي خريداري جي مد ۾ ڏيڻا پيا، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي احتساب واري پاليسي واضح  آهي، وزيراعلي کي چيو ويو ته جاچ ڪريو، راولپنڊي جي ڪمشنر کي به چيو ويو ته معاملي کي ڏسو وڌيڪ جاچ جي لاءِ معاملو لاڳاپيل ادارن ڏانهن اماڻيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو