105

مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو هڪ ئي طريقو آهي ته ملڪ کي عمران خان مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو بس هڪ ئي طريقو آهي ته ملڪ کي عمران خان مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان وڏيون وڏيون دعوائون ڪري اقتدار ته حاصل ڪري ورتو پر هو ملڪ هلائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، عمران خان کي خبر ئي نه آهي ته ملڪ جا اٽڪل اڌ ڪاروباري ادارا پنهنجي ملازمن جو چوٿون حصو پگهار گهٽ ڪري چڪا آهن، عمران خان حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب رڳو هڪ سال ۾ 25 لک کان وڌيڪ پاڪستاني غربت جي ليڪي کان هيٺ ڌڪجي ويا. هن چيو ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي سالياني شرح 15 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن کان عمران خان وزيراعظم ٿيو آهي، تڏهن کان رڳو اٽي جي اگهه ۾ ئي 30 سيڪڙو تائين واڌ ٿي وئي آهي، مافيا جي سرپرست عمران خان اٽي جو اگهه وڌائي غريبن جي وات مان گرهه کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته معاشي ترقي جو پيمانو جي حضوري ڪندڙ آفيسرن جون رپورٽون نه پر عام ماڻهو جي مُنهن تي مُرڪ هوندي آهي، جنهن ملڪ جي وزيراعظم کي ڪستو کڻڻ کانسواءِ ڪجهه نه ايندو هجي اهو ڪيئن مهانگائي جو خاتمو ڪندو، مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو بس هڪ ئي طريقو آهي ته ملڪ کي عمران خان مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو