اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ سعودي عرب جي دوري بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، معاونن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، پرڏيهي سيڪريٽري وزيراعظم عمران خان کي سعودي عرب جي دوري جي فالو اپ تي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي پڻ بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جا معاهدا شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم عمران خان وزيرن کي پنهنجن سمورن سعودي هم منصبن سان رابطا قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪ-سعودي مفادن جي لاءِ اهم منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، سعودي عرب کي واپار، توانائي ۽ سياحت ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي وڃي. سعودي ويزن 2030ع تحت پاڪستان جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا، سعودي عرب ۾ نوڪرين سان پاڪستان جي معيشت وڌيڪ بهتر ٿيندي، پاڪ-سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي، دوري دوران معاهدن کي هر صورت ۾ مڪمل ڪيو وڃي.
138