اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اوگرا جي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز رد ڪئي وئي آهي، حڪومت 31 مئي تائين پيٽروليم شين جون موجوده قيمتون برقرار رکيون آهن، اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب موجب قيمتن نه وڌائڻ سان خزاني کي 2.77 ارب جو بار برداشت ڪرڻو پوندو.
210