128

سپريم ڪورٽ ٽرالرن کي ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ذوالفقارآباد آئل ٽرمينل سميت ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، چيف سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا، چيف جسٽس دليلن کانپوءِ رمارڪس ڏيندي شين سان ڀريل ٽرالرن کي ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت جي ڪهڙي رٽ آهي جو ٽينڪر انهن کان ڪنٽرول نه ٿا ٿين؟، 15 سال ٿي ويا معاملو حل نه پيو ٿئي، ڪي ايم سي وارا پئسا وٺن پيا، جيڪڏهن آئل ٽرمينل نه ٿا ٺاهي سگهو ته پوءِ ايڊمنسٽريٽر جي رهڻ جو ڪو جواز ناهي. عدالت ڌرين جي دليلن کانپوءِ گيهه ۽ ٻين شين جي ڪنٽينرن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. آئل ٺاهيندڙ ڪمپنين کي تيل ذوالفقار ٽرمينل وٽان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو