اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان غزه تي حملي کي روڪڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ مختلف ملڪن سان رابطا قائم ڪري رهيو آهي، جيڪو 10 مئي کان جاري آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايتن تي هڪ اهم سفارتي مشن تي ترڪي پهتو آهي، جتي هو فلسطين ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي دنيا جي توجه مبذول ڪرائيندو، هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن عالمي برادري فلسطين جي صورتحال تي خاموش رهي ته اهو ”افسوس“ ٿيندو، رپورٽ مطابق هن يورپي ملڪن ۾ مسلم ڪميونٽي سان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ فلسطينين تي اسرائيل پاران ٿيندڙ ظلم کي روڪڻ جي مدد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پرڏيهي وزير چيو ته فلسطين ۾ بمباري جي نتيجي ۾ بجلي جي بندش ٿي آهي ۽ ضروري استعمال جي سامان جي فراهمي متاثر ٿي آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته ”رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن“ ته جيئن فلسطيني پرڏيهي وزير فلسطين جي صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهي. رپورٽ مپجب پرڏيهي وزير حوالو ڏيندي چيو ته اسان فلسطيني وزير خارجه جو انتظار ڪنداسين ۽ چاهينداسي ته هو سيشن ۾ اسان سان گڏ شامل هجي.
