118

سيوهڻ ڀرسان 18 ورهين جو نوجوان سم نالي ۾ وھنجڻ دوران ٻڏي فوت

سيوھڻ (ويب ڊيسڪ) سيوھڻ جي ڳوٺ شير خان سولنگي وٽ سم نالي ۾ 18 ورھين جو نوجوان وھنجڻ دوران ٻڏي فوت، سيوھڻ جي مڪراني پاڙي جو رھواسي 18 ورھين جو نوجوان ممتاز پٽ اڪ سولنگي سيوھڻ لڳ ڳوٺ شير خان سولنگي وٽ سم نالي ۾ وھنجڻ ويو، جتي ھو تارو نه ھئڻ ڪري وڏي پاڻي ۾ لڙھي ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙھه مقامي ماڻھن  سم نالي مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيو ويو، بعد ۾ فوتي نوجوان جو  لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ سندس امڙ ۽ والد کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو