قاضي احمد (ويب ڊيسڪ) قاضي احمد ۾ ھڪ ھفتو اڳ ٽيوب ويل جي لاءِ بجلي جي يارنھن ھزار وولٽيج تارن ۾ ڊائريڪٽ لائين لڳائڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان پورھيت ھاشم ملاح حيدر آباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان قاضي احمد جي ڳوٺ کاھ جو رھواسي ھو، سندس لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو. نوجوان پورھيت کي بجلي چوري لاءِ ٿنڀي تي چاڙھڻ جي الزام ۾ قاضي احمد جي شوڪت ڪالوني جي رهواسي زميندار حاجي عرس جتوئي کي پوليس گرفتار ڪريورتو آهي، مٿس حيسڪو پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. قاضي احمد ٿاڻي تي حيسڪو قاضي احمد جي لائين سپريٽنڊنٽ زمان چانڊيو بجلي چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته حيسڪو قاضي احمد جي امداد شاهه فيڊر جي حد ۾ واقع زميندار حاجي عرس جتوئي جي زمين تي ٽيوب ويل لڳل آهي، جنھن تي زميندار حاجي عرس جتوئي پاران پنهنجي ھاري ھاشم ملاح کي ڀنڀي تي چاڙھيو ۽ يارنھن ھزار وولٽيج تارن مان ڊائريڪٽ بجلي چوري ڪرائي رھيو ھو ته ھاشم ملاح ڪرنٽ لڳڻ ڪري سڙي زخمي ٿي پيو جيڪو ھڪ ھفتو علاج ھيٺ رھڻ کان پوءِ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ھوڏانھن قاضي احمد پوليس گرفتار زميندار حاجي عرس جتوئي کي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني ريمانڊ ورتو.
207