148

ڪراچي ۾ مٽي جو طوفان ۽ تيز برسات، مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت، بجلي جي فراهمي معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مٽي جو طوفان ۽ تيز برسات، مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت، بجلي جي فراهمي معطل، ان سلسلي ۾ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ مٽي جي طوفان ۽ تيز برسات سبب ڪيترائي وڻ، بجلي جا ٿنڀا ۽ گهرن جون ڀتيون ڪري پيون، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ عورت سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، شهر جي آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڪياماڙي، نيو ڪراچي، سرجاڻي ٽائون، نارٿ ڪراچي، ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن ڪري روڊن تي ٽرئفڪ معطل ٿي وئي،  هوڏانهن بلديا ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ  عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، شير شاهه ۾ به ڇت ڪرڻ سبب هڪ ٻارو فوت ٿي ويو، جنهن ڪري سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو،  شهر جي مختلف علائقن ۾ مٽي جي طوفان ۽ تيز برسات سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، ان سلسلي ۾ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۽ سسٽم جي ٽرفنگ سبب ڪڪر ٺهي رهيا آهن، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ برسات پئجي سگهي ٿي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز ٻڌايو ته سائيڪلون بابت الرٽ ۾ آنڌاري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو، ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ شهر تان ڪَڪر گذري ويندا. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ گرمي جي شدت سڀاڻي کان گهٽجي ويندي، جڏهن ته شهر ۾ وڌيڪ برساتن جو ڪو امڪان ناهي، سامونڊي طوفان ۽ شهر ۾ گرمي جي شدت سبب بادل ٺهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو