213

حيدرآباد ۾ پاڻي فراهمي لاءِ نيون لائينون نصب ڪيون وڃن: سيد ناصر شاهه

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) مڪاني ۽ اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه قاسم آباد سيوريج ون ۽ ٽو جو دورو ڪيو، واسا عملدارن کي هدايت ڪئي ته سيوريج منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن امڪاني برسات جي دوران عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي، صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته هلندڙ سال سانوڻي برساتن ۾ شهر ۾ مينهن جو پاڻي جمع نه ٿئي ۽ خاص طور تي شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ نالن جي صفائي جو ڪم پڻ جلد مڪمل ڪيو ويندو، ان موقعي تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، ڄام خان شورو، ايم پي اي عبدالجبار خان، راشد خلجي، ناصر قريشي، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري سيد نجم شاهه، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، ايم ڊي واسا زاهد کيمٽيو ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه واسا عملدارن کي هدايت ڪئي ته قاسم آباد سيوريج ون ۽ ٽو جي رهيل  ڪم کي پڻ جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، جڏهن ته کين گهربل  فنڊن جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو ويندو، سيد ناصر حسين شاهه واسا عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته شهر جي وڌندڙ پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ موجوده گنجائش 50 ايم جي ڊي تائين وڌائي وڃي، صوبائي وزير چيو ته  پاڻي جي فراهمي لاءِ نيون لائينون نصب ڪيون وڃن ۽ پراڻي فلٽر پلانٽ جي مرمت واري ڪم کي به جلد کان جلد مڪمل ڪري شهرين کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي صوبائي وزير حيدرآباد-ڄامشورو روڊ تي واقع نئين ۽ پراڻي فلٽر پلانٽ جو دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته فلٽر پلانٽ کي گهربل گنجاش تي هلايو وڃي ته جيئن حيدرآباد جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي، دوري دوران صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي  ايم ڊي واسا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قاسم آباد سيوريج ون ۽ ٽو جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪوآهي ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان قاسم آباد ۾ پاڻي جي نيڪال وارو مسئلو حل ٿي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو