227

نيب ڊوميسائلن بابت سنڌ سرڪار کي لکيل خط واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مقرر سرڪاري ملازمن جو رڪارڊ طلب ڪرڻ بابت سنڌ سرڪار کي لکيل خط واپس وٺي ڇڏيو، نيب ذريعن موجب نيب جو مقصد ڪنهن به ڪميونٽي کي نقصان پهچائڻ ناهي، نيب ۾ رويي جي گنجائش هميشه رهندي آهي، واضح رهي ته سنڌ سرڪار نيب جو خط غير قانوني ۽ اختيارن جي ابتڙ قرار ڏئي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، نيب سنڌ حڪومت کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مقرر ٻهراڙي جَي سرڪاري ملازمن جو رڪارڊ گهريو هو، جنهن تي ڌرتي ڌڻين رد  عمل ظاهر ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو