103

ڳڙھي خدابخش ۾ سڱاوتي معاملو حل نه ڪرڻ تي چانڊيا برادري جو چڱو مڙس پنهنجن هٿان قتل

نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) نئون ديرو ڀرسان ڳڙھي خدابخش ڀٽو جي رهواسي 40  سالن جي ساجد علي ولد لعل بخش چانڊيو کي پنهنجي ئي برادري جي هٿياربندن ڳڙھي خدا بخش ڀٽو واري رهائشگاھه ۾ اوطاق تي گهرائي پسٽل جون گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي وارثن علاج لاءِ لاڙڪاڻو شعبه حادثات ۾ داخل ڪرايو جتي زخمن جا سور نه سهندي ساجد علي چانڊيو فوت ٿي ويو، مقتول جو لاش رورل هيلٿ سينٽر نئون ديرو مان ضروري ڪاروائي بعد پوليس وارثن حوالي ڪيو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف ڳڙھي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي پوليس هڪ جوابدار علي رضا ولد منٺار چانڊيو کي پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جيڪو ماهي مڪول شھر جو رهواسي آھي، جوابدار موقف ۾ چيو آھي ته ساجد چانڊيو منهنجي برادري جو چڱو هو، منهنجو سڱاوتي معاملو حل نه پئي ڪيائين، ان ڪري قتل ڪيو ، ٻئي طرف ايس ايڇ او ڳڙھي خدابخش ڀٽو مظفر حسين جروار ۽ وڏي منشي مقصود علي ڀٽو تفصيل ٻڌائيندي چيو ته قتل جي واقعي بعد اطلاع تي جوابدار کي ڳڙھي خدابخش ڀٽو مان ئي گرفتار ڪيو ويو آھي وڌيڪ جاچ جاري آھي آخري اطلاعن تائين قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو