103

سلطان ڪوٽ لڳ ڀٽا-سيانچ زميني تڪرار تان حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي

سلطان ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سلطان ڪوٽ لڳ ڀٽا-سيانچ زميني تڪرار تان حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي، ان سلسلي ۾ همايون شريف ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي مخولپور چوڪي وٽ هٿياربندن موٽرسائيڪل سوارن مٿان فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب شڪارپور واسي اعجاز ڀٽو موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته علي نواز ۽ محمد موسيٰ ڀٽو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين مان علي نواز ڀٽو جي حالت به انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، هوڏانهن زخمي محمد موسيٰ ڀٽو ٻڌايو ته سيانچ برادري جي ماڻهن زميني تڪرار تان حملو ڪيو، حملي ۾ اعجاز ڀٽو مارجي ويو آهي، آئون ۽ علي نواز زخمي ٿيا آهيون، هوڏانهن مقامي ماڻهن ۽ پوليس لاش ۽ زخمي اسپتال پهچايا.جتان مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارث کڻائي ويا، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو