167

هر روز نوان اسڪينڊل اچن ٿا، اهڙي بدترين حڪومت ناهي ڏٺي:شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته  هر روز نوان اسڪينڊل اچن ٿا، اهڙي بدترين حڪومت ناهي ڏٺي، ن ليگ صدر شهباز شريف ڊسڪا اليڪشن کٽيندڙ نوشين افتخار جي گهر پهتو، جتي هن ساڻس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته  هر روز نوان اسڪينڊل اچن ٿا، اهڙي بدترين حڪومت ناهي ڏٺي،  هن چيو ته اسان جي حڪومت ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي، موجوده حڪومت ملڪ کي تباهه ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو