209

عدالتي حڪم تي عمل لاءِ شهباز شريف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف جي ٻاهرين ملڪ روانگي بابت داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي درخواست تي ٻڌڻي 19 مئي تي ٿيندي، جسٽس علي باقر نجفي شهباز شريف جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جو اعتراض ختم ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار گذريل ڏينهن درخواست تي اعتراض لڳايو هو، شهباز شريف جي وڪيل اعظم نذير تارڙ ۽ امجد پرويز دليل ڏنا ته عدالت جو اختيار آهي ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪندي سزا ڏئي سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو