اسلام آباد/ ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 135 ڄڻا فوت ۽ 2 هزار 566 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پاڪستان ۾ هن وقت تائين وائرس سان 8 لک 82 هزار 928 ماڻهو متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جن مان 19 هزار 752 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. سنڌ حڪومت صوبي ۾ بيوٽي پارلرز، شادي هال، سنيمائون، درگاهون ۽ پارڪ31 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ ۾ انٽرسٽي ۽ بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ تان پابندي ختم ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾سنڌ سرڪار ڪورونا ايس او پيز بابت نئون حڪم جاري ڪيو آهي، جنهن موجب هوٽلز ۽ريسٽورنٽس رات 12 وڳي تائين کليل رهندا، پر اندر ويهي کاڌو کائڻ تي پابندي لاڳو رهندي، راندين جو سرگرمين تي پابندي برقرار رهندي. نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري آفيسن جو وقت معمول موجب هوندو ۽ ڪاروبار صبح 6 کان رات 8 وڳي تائين کليل رهندو. جڏهن ته صوبي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند رهندو، آفيسن ۾ ملازمن جي حاضري 20 سيڪڙو کان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي صوبي ۾ انٽرسٽي ۽ بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ تان پابندي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو سيٽون خالي رکيون وينديون. ٻي پاسي اين سي او سي جي اجلاس ۾ تعليمي ادارا کولڻ بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، ان بابت فيصلو هاڻي صوبائي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اين سي او سي جي اجلاس ۾ تعليمي ادار ا مرحلي وار کولڻ جي تجويز ڏني وئي، جڏهن ته اهو چٽو ڪيو ويو ته بورڊن جا امتحان هر صورت ۾ ئي ٿيندا، جڏهن ته نائين کان گهٽ وارن ڪلاسن جي شاگردن کي پروموٽ ڪرڻ يا امتحانن بابت ڪو به فيصلو صوبائي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو.
