194

ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ويتر وڌي وئي، ڊيمن ۾ رڳو 8 ڏينهن جو پاڻي بچيو

لاهور  / ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ويتر  وڌي وئي آهي جنهن ڪري  ڊيمن ۾ رڳو 8 ڏينهن جو پاڻي بچيو آهي. ارسا پاڻي جي کوٽ جو ڪارڻ گرمي گهٽ هئڻ سبب جبلن واري برف نه ڳرڻ ظاهر ڪيو آهي،جڏهن ته پاڻي گهٽجڻ سبب پوک پڻ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. ان بابت ارسا جي ترجمان خالد را نا ٻڌايو آهي ته پوري ملڪ جي ڊيمن ۾ هن وقت 10 لک ايڪڙ فٽ پاني موجود آهي جيڪو 8 ڏينهن لاءِ ڪافي آهي، اهو نه ٿو چئي سگهجي ته خريف ۾ ڪيتري کوٽ ٿيندي . هن چيو ته وڌيڪ پاڻي اچڻ جو دارومدار جبلن واري برف ڳڙڻ تي آهي ان بابت صورتحال ايندڙ 4 ڏينهن ۾ چٽي ٿي ويندي، اسڪردو جي گرمي پد ۾ تبديلي اچي رهي آهي. ٻي پاسي پنجاب جي آبپاشي واري وزير  محسن لغاري چيو آهي ته پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري نه پيو ڪري، پنجاب ته ڪپهه جي پوک مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ کي پاڻي ڏنو ۽ هاڻي پنهنجي کوٽ پوري ڪرڻ لاءَ پنهنجي حصي جو پاڻي استعمال پيو ڪري. هوڏانهن آبپاشي کاتي سنڌ جي صوبائي وزير سهيل انور سيال هڪ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڻي جي معاملي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت سازش ڪري رهي آهي، سنڌ کي ان جي حصي کان به گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن آئون پاڻي پابت غلط ڄاڻ پيو ڏيان ته ان کي ارسا غلط ثابت ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو