لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي اميرسراج الحق سعودي عرب، ايران، ترڪي ۽ پاڪستان جي حڪمرانن کي خصوصي اپيل ڪئي آهي ته غزه ۾ محصور لکين ٻارڙن ۽ ٻارڙين جي دانهن کي ٻڌن جيڪي آسمان جي طرف منهن ڪري امت مسلمه کي مدد جي لاءِ سڏي رهيا آهن، سراج الحق صحافين کي با خبر ڪيو ته جماعت اسلامي مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن کان پوري دنيا جي اسلامي تحريڪن سان رابطي ۾ آهي ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي هڪ آن لائن اجلاس به منعقد ڪيو آهي جنهن ۾ 23 تنظيمن جي 222 مندوبين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شريڪ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه ۽ خالد مشعل شرڪا کي غزه جي تفصيلي صورتحال کان باخبر ڪيو، انهن ٻڌايو ته اسرائيلي دهشت گردن جي ظالمانه ڪاررواين جي نتيجي ۾ محصور فلسطيني علاقن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٻارڙا، عورتون، بزرگ ۽ نوجوان زخمي پيل آهن، ميڊيڪل رليف، خوراڪ ۽ ٻئي ضروري سامان جي کوٽ آهي، غزه هڪ ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، پوري دنيا تماشو ڏسي رهي آهي، سراج الحق وڌيڪ ٻڌايو ته فلسطيني اڳواڻن پوري عالم اسلام کي هر طرح جي مدد جي اپيل ڪئي آهي، ان چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالم اسلام ناجائز اسرائيلي رياست جي خلاف واضح لائحه عمل جو اعلان ڪري.
198