189

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سنڌ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سنڌ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندي ڪراچي، سکر، حيدرآباد جي آفيسن کان رپورٽون طلب ڪري ورتيون. پڌرائيءَ موجب اٿارٽي نيپرا جي ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد جي آفيسرن کي فيلڊ ۾ وڃي لوڊشيڊنگ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. اختيارين سڀني آفيسن کي اڄ ئي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان رپورٽون جمع ڪرائڻ جي هدايت به ڪئي آهي. نيپرا ترجمان جو چوڻ آهي ته اٿارٽي آفيسن جي رپورٽن جي روشني ۾ وڌيڪ ايڪشن کڻندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو