195

مان انهن ميڊيا تي هلندڙ سمورين رپورٽن کي رد ڪريان ٿو ۽ اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان پي ٽي آءِ جو حصو هئاسين ۽ هميشا رهنداسين: جهانگير ترين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض رهنما جهانگير ترين سمورين ميڊيا رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ” جهانگير ترين گروپ “ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، رپورٽ مطابق جهانگير ترين ميڊيا سان خطاب ڪندي ٻڌايو ته ”مان انهن ميڊيا تي هلندڙ سمورين رپورٽن کي رد ڪريان ٿو ۽ اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان پي ٽي آءِ جو حصو هئاسين، ۽ انشاءالله هميشا رهنداسين“. جهانگير ترين چيو ته اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ٻه مسئلا آهن، پهريون جهانگير ۽ ايف آءِ اي جو، جنهن سان گڏ منهنجا تمام دوست بيٺل آهن، هن چيو ته جڏهن منهنجا دوست وزيراعظم عمران خان سان مليا ته هو تمام خوش دلي سان مليا ۽ علي ظفر کي معاملي جي انڪوئري لاءِ مقرر ڪيو، هن چيو ته علي ظفر جي رپورٽ جلد منظرعام تي اچي ويندي، جهانگير ترين واضح ڪيو ته ” پر هن سان ٻيو مسئلو شروع ٿيو، بهرحال هن هي واضح نه ڪيو ته ٻيو مسئلو  ڇا آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو