لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عالم خان بروهي ۾ غلام مصطفيٰ ۽ محبت بروهي جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جتي ڏنڊا، بيلچا ۽ لٺيون لڳڻ سبب پيرسن عورت ڌمل خاتون ٿڏي تي مارجي وئي، جڏهن ته عاشق علي ۽ مير محمد بروهي سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان متاثر ڌر پاران ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بااثرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام حسين بروهي، منور، حميده خاتون، زبيده خاتون، مختيار بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان 8 سال اڳ غلام مصطفيٰ بروهي ۽ محمد خان بروهي طرفان محمد خان بروهي کي هڪ جريب زمين عارضي طور تي رهائش لاءِ ڏني، جيڪا زمين هو بغير اسان جي پڇا جي وڪرو ڪري رهيا آهن جن خلاف حد جي رشيد وڳڻ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي جنهن تي پوليس ٻنهي ڌرين جي ماڻهن کي گرفتار ڪري وئي، جنهن بعد ٻيهر محبت بروهي پنهنجي 20 کان وڌيڪ ماڻهن سان گڏجي اسان جي گهرن مٿان ڪاهه ڪري حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن عورت ڌمل خاتون قتل ٿي وئي جڏهن ته مير محمد بروهي ۽ عاشق بروهي سخت زخمي ٿيا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
