ڪنري (ويب ڊيسڪ) ڪنري ڀرسان ڪنجھيجي موري وٽ نبي سر واھ ۾ وھنجڻ دوران ٻه نينگريون ۽ نينگر ٻڏي ويا، گشڪوري برادري سان تعلق رکندڙ 5 ورھين جي اقرا ڌيءُ احسان گشڪوري، 5 ورھين جو گل زمان پٽ گلفام گشڪوري ۽ 9 ورھين جي ھير ڌيءُ عبدالخالق گشڪوري ٻڏي ويا، ٻارڙن جي رڙين تي ڳوٺاڻن ٻن ٻارڙن اقرا ۽ گل زمان کي بچائي ورتو ۽ ھڪ ٻارڙي ھير گشڪوري ٻُڏي وئي، جنھن جي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪافي ڳولا ڪئي ۽ مسلسل ٻن ڪلاڪن جي ڳولا ڪرڻ بعد نينگري کي ٿوري اڳتي واھ مان ڪڍيو ويو پر نينگري فوت ٿي چڪي آھي، ڳوٺاڻا نينگري کي مڙھ کي گھر کڻي ويا، اطلاع تي ڪنري پوليس پھچي واقعي بابت معلومات ورتي جڏھن ته آبپاشي عملو ۽ انتظاميا نه پھچي سگھي، ھوڏانھن نينگري جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، فوت ٿيل نينگري نبي سر روڊ جي رھواسڻ آھي جيڪا ھتي پنھنجي ناني جي گھر آيل ھئي.
142