تهران (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا ۾ به فلسطين جي حق ۾ آوازون اٿڻ شروع ٿي ويون آهن، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين جي حوالي سان جاري سفارتي ڪاوشن بابت بيان ۾ چيو آهي ته ڪوشش آهي ته مظلوم فلسطينين جي حق ۾ او آءِ سي پليٽ فارم کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪريون، هن چيو ته پاڪستان جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته هن مسئلي تي سمورا مسلمان ملڪ گڏ ٿي اواز اوٿارين، اڄ مان ترڪ ۽ فلسطين جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ نيويارڪ روانو ٿي رهيو آهيان، شاهه محمود قريشي چيو ته سوڊاني پرڏيهي وزير به اسان سان گڏ نيويارڪ روانه ٿيندا ۽ 20 تاريخ خميس جي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هن معاملي کي اٿارينداسين، هن چيو ته يورپي ملڪن ۾ رهندڙ 6 ڪروڙ مسلمانن کي گذارش آهي ته هو پنهنجي پنهنجي حڪومتن تي دٻاءُ وجهن ۽ اڄ ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي گادي وارن هنڌن ۾ وڏا وڏا مظاهرا ٿي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته اڄ آمريڪا ۾ به فلسطين جي حق ۾ آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ فلسطين بابت سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان جو ڪردار به تعريف جوڳو آهي.
