حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾سبزي منڊي منتقلي مامري جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس سليم جيسر ۽ جسٽس ذوالفقار احمد جي ڊبل بيچ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ ۽ ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا، عدالت پٽيشنرن جي ڪاروبار کي نه روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته پراڻي سبزي منڊي مان جيڪي نئين سبزي منڊي ۾ وڃن چاھين ٿا ته انھن کي اتي شفٽ ڪيو وڃي جيڪي نٿا وڃڻ چاھين ۽ اتي رھڻ چاھين ٿا اھي ڀلي اتي پنھنجو ڪاروبار ڪن، درخواستگذار چيو ته نئين سبزي منڊي ۾ مسجد، ٿاڻو بجلي جو نظام ختم ڪيو ويو آهي، سھولتون ناھن، اسان ايڪشن ڪميٽي وارا پنھنجي پلان تحت پنھنجي منڊي جي ماڻھن لاءِ ڪم ڪريون پيا، ڊي سي عدالت کي آگاهي ڏني ته ھڪ ئي خاندان کي اسان ھڪ دڪان الارٽ ڪيل آھي، سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ھنن جي تنظيم رجسٽريشن ناھي ھي جڏھن به چاھين ٿا پراڻي توڙي نئين منڊي ۾ سرڪار کان الڳ راڄ قائم ڪري ويٺا آھن ، ڪمشنر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سبزي منڊي ٺھيل آھي اسان وٽ سمورو رڪارڊ موجود آھي اسان ڪورونا جي ڪري عدالت کي اگاھي ڏني ھئي ته ھڪ جڳهه تي منڊي ڪنداسين ته رش وڌندي انھي ڪري جي ھڪ شھر ۾ 2 منڊيون آھن، ان ۾ ڪھڙو اعتراض آھي، جنهن تي عدالت چيو ته جنھن کي جھڙي پاسي وڃڻو آھي اھي ھليا وڃن، عدالت انتظاميا کي ھدايت ڪئي ته ھنن کي سھولتون فراھم ڪيو وڃن جنھن بعد عدالت ڪيس ڊسچارج ڪري ڇڏيو.
199