207

سامارو ڀرسان ڀائرن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، 20 سالا نوجوان قتل

سامارو (ويب ڊيسڪ) سامارو ڀرسان ڀائرن وچ ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل ٿي ويو آهي، ساماروروڊ لڳ ڳوٺ ھميرو ڪولھي جي 20 سالا نوجوان سومرو پٽ ڌيرو ڪولھي کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران موت جي تصديق ڪئي وئي آهي، جڏھن ته ڊاڪٽرن پاران ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ فوتي سومرو ڪولهي جي ڪنڌ جو مڻڪو ٽٽل ھجڻ جو ٻُڌايو ويو آهي، ھوڏانھن فوتي سومرو ڪولهي جي وڏي ڀاءُ ناگجي ڪولھي پوليس آڏو اعتراف ڪندي چيو آهي ته اسان ڀائرن جو پاڻ ۾ جھيڙو ٿيو ھو، اتفاقي ڌڪ لڳڻ سبب سومرو قتل ٿي ويو آهي، ناگجي ڪولھي کي سامارو پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف قتل ڪيل نوجوان سومرو ڪولهي جي ڳوٺ ۾ سخت خوف و حراس واري صورتحال ڇانيل آهي، سامارو پوليس موجب جاچ ڪئي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو