ليکڪ: عامر انصاري
سنڌ جيڪي سرويچ ۽ ڪونڌر جنميا آهن، انهن مان شهيد الهه بخش سومرو به هڪ آهي، هن عظيم محب وطن سياستدان 31 آگسٽ 1900ع ۾ شڪارپور ۾ محمد عمر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو، الهه بخش سومري جو والد محمد عمر سومرو بنيادي طور تي هڪ ٺيڪيدار، مستري ۽ آبادگار هو، 1912ع ۾ ثانوي تعليم لاءِ هو هوپ فل اسڪول ۾ داخل ٿيو، ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعدوالد سان گڏجي ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو. تعليم دوران پنهنجي وقت جو ذهين شاگرد هو. راندين ۾ خاص ڪري ڪرڪيٽ سان دلچسپي هيس ۽ ڪيترن مقابلن ۾ حصو ورتائين. هن 1923ع ڌاري سياست ۾ قدم رکيو. 1923ع ۾ پاڻ ضلعي جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو. 1926ع ۾ خانبهادر جان محمد پٺاڻ جهڙي سلطان ڪوٽ ۽ سکر ضلعي جي بااثر ۽ اهم زميندار جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. 1928ع ۾ سکر لوڪل بورڊ جو پڻ صدر چونڊيو ويو، هن جا ڀُٽي خاندان سان، پنهنجي والد جي زماني کان سٺا لاڳاپا هئا، انڪري هن بمبئي ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀُٽي جو ساڄو هٿ ٿي ڪم ڪيو، جيڪو ان زماني ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو. ذهين ۽ باصلاحيت هئڻ ڪري الهه بخش سومرو بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ دوران ڪائونسل سان واسطو رکندڙ سرڪاري ڪميٽين تي چونڊيو ويو. اتر سنڌ جو هي واحد شخص ھو جيڪو 1926ع کان 1936ع تائين جيسين سنڌ بمبئيءَ سان جُڙيل ھئي بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو. جنوري 1931ع ۾ جيڪب آباد ۾ گهوڙن جي سالياني نمائش جي موقعي تي سنڌ جي لوڪل بورڊن جي صدرن ۽ چيف آفيسرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، هن لوڪل بورڊن جي تنظيم، اختيارن ۽ سڌارن بابت ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪرايا ۽ سنڌ جي لوڪل بورڊن جي ايسوسيئيشن قائم ڪرايائين. ان موقعي تي هن سنڌ جي مسلمان سياستدانن جي ڪانفرنس سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪوٺائي، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ ۽ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي ٺهرائن جي حمايت ۾ ٺهراءَ پاس ڪرايائين، 1934ع ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد جي بنگلي (ڪراچيءَ) ۾ پيپلزپارٽي ٺاهي وئي ته اُن جو ليڊر شاهنواز ڀٽي کي ۽ ڊپٽي ليڊر الهه بخش سومري کي چونڊيو ويو، 1936ع ۾ اتحاد پارٽي قائم ٿيڻ تي هيءُ اُن ۾ شامل ٿيو، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ بعد 1937ع جي چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا، پر اُن جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر حاجي عبدالله هارون هارائي ويا، ان تي گورنر سر لئنسليٽ گرهام، سر غلام حسين کي وزارت لاءِ گهرايو، هن مير گروپ کي وزارت ڏئي اتحاد پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد حاصل ڪري وزارت ٺاهي، ميران محمد شاهه به اتحاد پارٽي ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيو، انڪري اتحاد پارٽيءَ جي مڃيل ميمبرن الهه بخش سومري کي ليڊر ۽ مسٽر هاشم گزدر کي ڊپٽي ليڊر چونڊي مخالفت ۾ ويهڻ شروع ڪيو. 1937ع جي آخر ۾ اتحاد پارٽيءَ جي سر غلام حسين جي وزارت سان هڪ پروگرام جي بنياد تي اتحاد ٿيو ۽ ان پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن تي الهه بخش، هاشم گزدر ۽ سائين جي ايم سيد ميمبر هئا، پر ان پروگرام تي عملدارن جي غلط روش، وزارت ۾ غيرتجربيڪار ۽ نااهل وزيرن جي موجودگيءَ ۽ اتحاد پارٽيءَ جي وزارت ۾ نمائندگيءَ کان سواءِ وزارت جي مدد سبب عملدرآمد نه ٿي سگهيو. نتيجي طور مير غلام حسين کي تجويز ڏني وئي ته الهه بخش، خانبهادر کُهڙي ۽ نهچلداس کي وزير ڪري کڻي، پر اها تجويز به عمل هيٺ نه آئي. نتيجي طور مارچ 1938ع جي بجيٽ وقت ”هڪ رپويو ڪٽ“ جي ٺهراءُ پاس ڪرڻ سان غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي ۽ نئين وزارت الهه بخش سومري جي هٿ هيٺ ٺاهي وئي، هيءَ وزارت ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد سان ٺهي، ان ۾ الهه بخش سومرو وزيراعظم ۽ پير الاهي بخش ۽ نهچلداس وزيراڻي ٻه وزير ٿيا. جنهن صورت ۾ وزارت ٺاهڻ ۾ صرف 7 مسلمانن ووٽ ڪيو هو ۽ باقي سڀ ميمبر هندو هئا، انڪري مسلمانن جي تعليم يافتا طبقي طرفان احتجاج ٿيو. نڪتل وزيرن صورتحال کي وڌيڪ مشتعل ڪيو، 29 مارچ 1938ع تي وزير اعظم سنڌ الھه بخش سومري ھيٺ ڄاڻايل وزارت جي پاليسيءَ بابت هڪ بيان جاري ڪيو ته ”ملڪي انتظام کي قومپرست بنيادن تي هلايو ويندو، سکر بئراج سبب سنڌ جي ڪن حصن کي زراعت ۾ نقصان پهتو آهي، ان ڪري لوئر سنڌ بئراج جي اسڪيم تيار ڪئي ويندي ته جيئن عوامي مفاد پورا ٿين. اتر سنڌ ( روهڙي ڊويزن) جا واهه سڌاريا ويندا. ڪانگريس وزارت وانگر وزير گهٽ پگهار کڻندا. آنرري مئجسٽريٽيون ختم ڪيو وينديون، آزمائشي طور ضروري رستن جو ڪم لوڪل بورڊن کي ڏنو ويندو. پرائمري ماسترن جي پگهار ۾ 5 رپين جو اضافو ڪيو ويندو. مولانا عبيدالله سنڌي واپس آيو ته سندس آجيان ڪنداسون. سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪئي، لوڪل باڊيز مان ٿاڦيل ميمبرن جي دستور کي اسيمبليءَ ۾ لوڪل باڊيز ايڪٽ جي ترميم جو بل آڻي ختم ڪنداسون. ڪورٽن طرفان جن ماڻهن کي ڏنڊ جي سزا ڏني وڃي ٿي جيڪي ماڻهو ڏنڊ عيوض سزا ڀوڳڻ چاهين تن کان زوريءَ ڏنڊ وصول نه ڪن. اسپيشل مئجسٽريٽن جي دستور کي حال جاري رکيو ويندو. اسان انتظام کي درست ڪرڻ ۽ خرچ گھٽائڻ لاءِ بمبئي ري آرگنائيزيشن ڪميٽيءَ جي رٿن تي مناسب قدم کڻڻ گھرون ٿا“ 14 مئي 1943ع تي صبح جو سنڌ جو هي محبِ وطن سياستدان شڪارپور ۾ هڪ ٽانگي ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو ته ڪن ماڻهن مٿس فائر ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو. سندس قتل جو الزام خانبهادر ايوب کهڙي تي لڳايو ويو. الهه بخش سومري جو ذڪر ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي قومي سياست ۾ وڏي احترام ۽ عزت سان ٿئي ٿو.