204

حڪومت جون سرمائيڪار دوست پاليسيون ۽ مضبوط ٿيندڙ ملڪي معيشت

ليکڪ: مراد علي جنجوعا

وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ موجوده حڪومت طرفان کنيل سخت قدمن سبب ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪي معيشت مضبوط ۽ مستحڪم بڻجي اڀرندي، عالمي ادارن جي اندازن کان به وڌيڪ معيشت تيزي سان بحاليءَ طرف هلي رهي آهي، صنعتي شعبي ۾ ترقي جا واضح آثار سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، حڪومت طرفان موثر ۽ بروقت قدمن جي بدولت ئي معاشي ترقي جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي ۽ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي سميت پرڏيهي قرضن ۾ توازن برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي، ڪورونا وبا جي پکيڙ دوران حڪومت طرفان صنعتي شعبي لاءِ جامع پئڪيج ڏيڻ جي ڪري صنعتي ترقي جو ڦيٿو معمول مطابق روان دوان رکڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي، حڪومت جو گهڻو ڌيان صنعتي شعبي تي رهيو، جنهن جو بنيادي مقصد معاشي سرگرمين کي جاري رکڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ هو، واپاري ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ٿيڻ سان آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت مضبوط رهي، عالمي بئنڪ ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ ڊيٽا بيس 2020ع جي نالي سان جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي هڪ سيڪڙو تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جنهن ۾ پوءِ ترميم ڪري جنوري 2021ع ۾ ڏيڍ سيڪڙو واڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي، ڪورونا وبا دوران مشڪل وقت ۾ حڪومت ملڪ جي مالي معاملن کي نظر ۾ رکندي شهرين جي چرپر محدود رکڻ، ويڪسينيشن بروقت انتظام، مناسب مالياتي پاليسي جاري ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين کي جاري رکڻ سميت ٻيا مثبت قدم کنيا، معاشي سرگرميون جاري رکڻ لاءِ ڪيل فيصلن جو ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار تي مثبت اثر پيو، ان کانسواءِ ٽئڪسن جي وصولي، ناڻي ۾ واڌ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ ٽئڪسن ۾ به خاطر خواهه واڌ ڏسڻ ۾ آئي، مالي سال 2021ع جي پهرين ستن مهينن دوران ڪورونا وبا جي باوجود تعميراتي شعبي ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي، مالي سال 2021ع جي پهرين ستن مهينن جولاءِ کان جنوري دوران ٽريڪٽرن جي پيداوار ۽ وڪري جي شرح ترتيبوار 52.9 ۽ 52.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال دوران ان عرصي ۾ جنوري 2020ع تائين 5.7 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، برآمدي صنعت جي پيداواري ۽ برآمدي هدف وڌائڻ لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 0.07 ڊالر في يونٽ ۽ گئس جي اگهن ۾ 0.065 في ايم ايم بي ٽي يو ڊالر جي حساب سان خاص ڇوٽ ڏني وئي، بئنڪن تعميراتي شعبي لاءِ رکيل رقم ۾ ڊسمبر 2021ع تائين وڌيڪ 5 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي، فيبروري 2021ع جي خاتمي تائين نيشنل پاورٽي گريجوئيشن پروگرام جو دائرو 42400 خاندانن تائين وڌايو ويو، 4 ڪروڙ 37 لک 54 هزار 224 ڊالر غير ملڪي ذخيرن جي مقابلي ۾ 1043 غير ملڪي ناڻي ذخيرن وارن ڪارڊن (ايف اي آر سي) کي (سلور، سلور پلس، گولڊ، گولڊ پلس ۽ پلاٽينيم) جي پنج ڪيٽيگرين ۾ ورهايو ويو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن دوران زرعي بئنڪ 715.6 ارب رپين جا زرعي قرض جاري ڪيا، جيڪي گذريل مالي سال دوران ان عرصي ۾ 702.9 ارب رپيا هئا. حڪومت ايمنسٽي اسڪيم جو مدو جون 2021ع ۽ فڪسڊ ٽئڪس جو مدو ڊسمبر 2021ع تائين وڌائي ڇڏيو آهي، اهڙي طرح فيبروري 2021ع تائين زرعي آبپاشي لاءِ پاڻي جي فراهمي 4.64 ملين ايڪڙ فوٽ رهي، جيڪا مالي سال 2020ع دوران ان عرصي ۾ 4.58 ملين ايڪڙ فوٽ هئي. هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ درآمدات 4.4 سيڪڙو واڌ سان 16.3 ارب ڊالرن تائين رهي، جيڪا گذريل مالي سال دوران ان عرصي ۾ 15.6 ارب ڊالر هئي. اهڙي ٽئڪسٽائل شعبي ۾ به گذريل مالي سال جي مقابلي ۾ هلندڙ مالي سال 6.7 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي، هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن تائين ٽئڪسن جي رقم ۾ 6 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ اها 2915 ارب رپين تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال ان عرصي دوران 2750 ارب رپيا هئا. حڪومت طرفان متعارف ڪرايل ڪامياب نوجوان پروگرام تحت جنوري 2021ع تائين مختلف ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ نوجوانن ۾ 4.343 ملين رپيا ورهائجي چڪا آهن، پهرين جولاءِ 2020ع کان 5 مارچ 2021ع تائين ڪل رقم جي ترسيل 962.4 ارب رپيا رهي، جيڪا گذريل مالي سال ۾ ان عرصي دوران 964 ارب رپيا هئي، هر سال وڌندڙ مهانگائي جي شرح جيڪا گذريل جنوري 2020ع ۾ 14 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، اها شرح هلندڙ سال جنوري 2021ع ۾ گهٽجي 5.7 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، حڪومت جي پاڻ ڀاڙڻ واري پاليسي تحت ڪاروبار جو رخ گراهڪن کان پروڊيوسرن طرف منتقل ڪرڻ جا به سٺا نتيجا سامهون آيا آهن ۽ شروعاتي طور تي هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 ماهي دوران اها شرح 416 ارب رپيا رهي، جيڪا گذريل مالي سال دوران ان عرصي ۾ 153 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. مارڪيٽ بيس تي ڪرنسي جي مٽاسٽا واري رجحان کي برقرار رکڻ جا به مثبت نتيجا آيا آهن، هلندڙ مالي سال فيبروري 2021ع جي خاتمي تائين پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 20 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن، غير ملڪي ناڻي جي ذخيرن ۾ درآمدي واڌ جي موجوده سطح تقريبن ٽن مهينن جي مدي جو احاطو ڪري ٿي، غربت جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ (پي پي اي ايف) پروگرام تحت فيبروري 2021ع تائين 12 لک 31 هزار 517 شهرين ۾ 17.43 ارب رپين جو وياج کان پاڪ قرض ورهايو ويو آهي، صرف فيبروري 2021ع واري مهيني دوران ان پروگرام ذريعي 24 شراڪتي تنظيمن جي تعاون سان 39 هزار 783 شهرين ۾ 1.2 ارب رپين جو بنا وياج وارو قرض ورهايو ويو آهي. سرمائيڪار منڊي ذريعي 363 ارب رپين جو ٽئڪس گڏ ٿيو، جيڪو 29 جنوري 2021ع تائين 8398 رپين واري شرح تي برقرار رهيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن دوران پي پي اي ايف پروگرام سميت ناڻي واڌ ۾ 24.1 سيڪڙو واڌ سان گڏ ناڻي جي ذخيرن جي شرح 18.7 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال دوران ان عرصي ۾ 15.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي هئي، اهڙي طرح ٽئڪس وصول ڪرڻ، ناڻي ۾ واڌ ۽ ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ، واپاري ۽ مالي خساري ۾ واضح گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، حڪومت طرفان متعارف ڪرايل سرمائيڪار دوست پاليسين جا هر شعبي تي سٺا اثر مرتب ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ واپاري اشارا مثبت اڳڀرائي سان 136 کان 108 واري سطح تي اچي ويا آهن، جڏهن ته اپريل 2018ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 46 هزار جي سطح پار ڪئي آهي، جيڪا 29 جنوري 2021ع تائين 46 هزار 385 جي سطح تي بند ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو