249

اسرائيلي بربريت، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اڄ جا حڪمران…؟؟

ليکڪ: حامد مير

جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا غلط فهمي اهي ته هو اها ختم ڪري ڇڏي، غزه کي مٽيءَ جو ڍير بڻائيندڙن جون نظرون پوري وچ اوڀر تي ۽ انهن جي سرپرستن سعودي عرب ۽ ايران کان وٺي پاڪستان ۽ افغانستان تائين ڪيترن ئي اهم مسلم ملڪن جون سرحدون تبديل ڪرڻ جا منصوبا ٺاهي رکيا آهن، عرب ملڪن اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪري ڏسي ورتو، اسرائيل طرفان فلسطينين ظلم ۽ ستم ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي ۽ 2021ع جي رمضان المبارڪ ۾ اسرائيل بيت المقدس کان وٺي غزه پٽي تائين پنهنجي طاقت جو انڌو استعمال ڪيو، ان کانپوءِ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن جون ڳالهيون ڪرڻ دراصل اسرائيل جي رياستي ڏوهن ۾ شريڪ ٿيڻ برابر هوندو. اسرائيلي رياست سيلف ڊفينس جي نالي تي غزه ۾ گلن جهڙن ٻارڙن جا چيٿڙا اڏائي ڪيترن ئي يهودين کي به اسرائيل جي مذمت تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، لنڊن جي روڊن تي اسان ڪيترائي آرٿوڊاڪس يهودي اڳواڻ مسلمانن سان گڏجي فلسطينين جي حق ۾ نعرا هڻندي ڏٺا، اسرائيلي ظلمن جي مذمت ۾ صرف مسلمان ئي نه پر مسيحي ۽ يهودي به اڳيان اڳيان آهن، اسرائيل جي اندر به اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي صيهوني سوچ جي خلاف آهن، وقت اچي ويو آهي ته اسان صيهونيت ۽ يهوديت ۾ فرق کي سمجهون ۽ اسرائيلي رياست جي دهشتگردي خلاف آواز بلند ڪرڻ وارن يهودين سان گڏجي دنيا مٿان صيهوني سازشن کي واضح ڪيون، اسرائيل دنيا جي اها منفرد رياست آهي جيڪا 1948ع ۾ قائم ڪئي وئي ۽ اڃا تائين ان رياست جي مستقل سرحدن جو فيصلو ناهي ٿيو، اسرائيل 1967ع ۽ 1973ع جي عرب-اسرائيل جنگن دوران پنهنجي سرحدن ۾ تبديلي ڪئي ۽ ڪجهه سالن کان گڏيل قومن جي قراردادن کي پائمال ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي جاگرافيائي حدن ۾ واڌ ڪري رهيو آهي، اسرائيل جي ان پاليسي تي ڀارت ۾ نريندر مودي جي حڪومت به عمل ڪيو ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي  ڪندي 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلم اڪثريتي آبادي کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو، پر في الحال ان رستي جي وڏي رڪاوٽ ڪورونا وائرس بڻيل آهي، عجيب اتفاق آهي ته ماضي ۾ جيڪي طاقتون پاڪستان مٿان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وجهنديون رهيون آهن، هاڻ اهي ئي طاقتون چاهين ٿيون ته پاڪستان ڳالهين جي نالي تي ڀارت آڏو ڪشمير تي سرينڊر ڪري ڇڏي ته جيئن اڳتي ڀارت ڪشمير واديءَ ۾ اهو ئي ڪجهه ڪري جيڪو اسرائيل اڄ غزه ۾ ڪري رهيو آهي، پاڪستان اسلامي دنيا جي واحد ائٽمي طاقت آهي پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن پاڪستان ائٽمي طاقت نه هو تڏهن ان جو وڌيڪ دٻدٻو هو، ائٽمي طاقت بڻجڻ کانپوءِ پاڪستاني رياست هن خطي ۾ غير ملڪي طاقتن جي سهولتڪار بڻجي رهجي وئي آهي، جنهن مٿان هر وقت ڪٿان نه ڪٿان ”ڊو مور“ جو دٻاءَ وڌندو رهي ٿو، سٺي ڳالهه اها آهي ته عمران خان جي حڪومت اڃا تائين اسرائيل جي معاملي تي اها لچڪ ناهي ڏيکاري جنهن جي اميد ڪجهه برادر اسلامي ملڪ ان مان ڪري رهيا هئا، عمران خان سان سئو اختلاف ڪيو پر اسرائيل بابت سندس موقف نه صرف پاڪستانين پر سڄي دنيا جي مسلمانن جي اڪثريت جي ترجمان ڪري ٿو، اڃا تائين ته هن نه صرف اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ فلسطينين خلاف اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي آهي، پر مذمت کان اڳتي اهو به ناهي وڌي سگهيو، ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو انجام هو ناهي وساري سگهيو. اڄ جو اهو نوجوان نسل جيڪو هر اليڪشن ۾ ”زندهه آهي ڀٽو زندهه آهي“ جو نعرو ٻڌي ٿو، ان کي پيپلزپارٽي جي موجوده قيادت اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي آهي ته جڏهن 1973ع جي رمضان المبارڪ ۾ عرب-اسرائيل جي جنگ ٿي هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ايئرفورس جا پائليٽ شام ۽ اردن موڪليا ۽ انهن پاڪستاني هوا بازن ڪيترائي اسرائيلي جهاز تباهه ڪيا، ان جنگ ۾ اتر ڪوريا به پنهنجا 20 پائليٽ مصر موڪليا هئا، سعودي عرب، ڪويت، مراڪش، لبنان ۽ سوڊان به پنهنجون فوجون اسرائيل خلاف وڙهڻ لاءِ موڪليون ۽ آمريڪا کليل طور اسرائيل جي مدد ڪئي. عرب ملڪ بيت المقدس مٿان اسرائيل جو قبضو ته ختم نه ڪرائي سگهيا پر عربن پهريون ڀيرو تيل جو هٿيار استعمال ڪيو، ان جنگ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ فيبروري 1974ع ۾ لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ مصر جو صدر انور السادات ۽ ليبيا جو صدر معمر قذافي هڪ ئي جهاز ۾ لاهور آيا، پي ايل او جي سربراهه ياسر عرفات کي ڪويت جو امير پنهنجي جهاز ۾ کڻي آيو هو. شام جي سوشلسٽ صدر حافظ الاسد ۽ سعودي جي شاهه فيصل ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏجي بادشاهي مسجد لاهور ۾ بيت المقدس جي آزادي لاءِ دعا گهري، پنجاب اسيمبلي آڏو هڪ مينار اڄ به ان عظيم ڪانفرنس جي يادگار طور موجود آهي، ان ڪانفرنس کانپوءِ واري واري سان شاهه فيصل، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ انور السادات سازشن جو نشانو بڻجندا ويا، اسرائيل ڳالهين جي نالي تي عرب کي ورهايو ۽ پاڻ ۾ خوب ويڙهايو، جڏهن پاڪستان ائٽمي طاقت نه هو ته اسرائيلي جارحيت کي للڪارڻ جي صلاحيت رکندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ کانپوءِ ائين ڪڏهن به نه ٿي سگهيو، پاڪستان کي 1998ع ۾ ائٽمي طاقت بڻائيندڙ وزيراعظم نواز شريف به اڄ جلاوطن آهي، اسرائيل جي مذمت ته سڀ ڪن ٿا، پر اسرائيل خلاف عملي قدمن جي جرئت کان اسان جي قيادت محروم ٿي چڪي اهي، اهي ماڻهو جيڪي اسان کي اسرائيل سان دوستي جا مشورا ڏين ٿا، انهن کي گذارش آهي ته صيهوني سوچ جي پويان موجود گريٽر اسرائيل جي تصور کي سمجهو، جهڙي طرح هندو انتهاپسند پوري ننڍي کنڊ کي اکنڊ ڀارت بڻائڻ چاهين ٿا، اهڙي طرح صيهوني انتهاپسند نيل واديءَ کان فرات درياهه تائين هڪ گريٽ اسرائيل جو مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن ۾ اردن، شام ۽ سعودي عرب جا ڪيترائي علائقا به شامل آهن. صيهوني انتهاپسندن جي هڪ حامي ۽ آمريڪي فوج جي رٽائرڊ آفيسر ڪرنل رالف پيٽرز گهڻا سال اڳ نئين وچ اوڀر جو تصور پيش ڪيو هو ۽ سندس نئين وچ اوڀر جي نقشي ۾ پاڪستان جي سرحدن کي به تبديل ڪيو ويو آهي، رالف پيٽر جي نقشي مطابق ترڪي، شام، ايران ۽ عراق جي ڪرد علائقن تي ٻڌل ڪردستان قائم ڪيو ويندو ۽ عراق کي شيعا ۽ سني رياستن ۾ تبديل ڪيو ويندو، سعودي عرب جا ڪجهه علائقا اردن ۽ يمن ۾ شامل ڪيا ويندا. گڏيل عرب اماراتن جا شيعا اڪثريتي علائقا عراقي شيعا رياست ۾ شامل ڪيا ويندا ۽ افغانستان جا ڪجهه علائقا ايران کي ڏنا ويندا. ايران جا ڪجهه علائقا آذربائيجان کي ڏئي پاڪستان اندر آزاد بلوچستان جي نالي تي نئين رياست قائم ڪئي ويندي ۽ اوڀر ۾ پختون علائقا افغانستان ۾ شامل ڪيا ويندا. ظاهري طور تي ته اهوهڪ ديواني جو خواب آهي ۽ ان تي عمل مشڪل آهي، پر گريٽر اسرائيل جو تصور صيهوني لٽريچر ۾ موجود اهي، اسرائيل طرفان اوڀر يروشلم جي فلسطيني آبادي جي جبري نيڪالي ۽ اردن درياهه جي اولهندي ڪناري تي يهودي بستيون آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنهن کان به لڪل نه آهي، اسرائيل بابت پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو هو، اهو اڄ به درست آهي، اسرائيل ۽ ڀارت جي انتهاپسند قيادت ناقابل اعتبار آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي غلط فهمي آهي ته هاڻ اها ختم ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

اسرائيلي بربريت، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اڄ جا حڪمران…؟؟” ایک تبصرہ

پنهنجي راءِ ڏيو