ليکڪ: امتياز جوڻيجو
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحريري امتحانن ۾ وڏي پيماني تي غفلتن سميت انٽرويوز جي نتيجن ۾ ٿيندڙ بدعنواني سبب پنهنجو معيار ڪيرائي چڪي آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا لکت وارا امتحان ھجن يا وري انٽرويوز ھجن، سدائين تڪرارن جي ور چڙھيا آھن. ايس پي ايس سي جي لکت وارن امتحانن ۾ ٿيندڙ غلطين جا انبار ڪا نئين ڳالهھ ناھي، اھو ئي سبب آھي جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو معيار ھاڻ ايترو ته ڪري چڪو آهي جو صحيح طريقي سان هڪ MCQs جي بنياد تي ٻڌل ٽيسٽ به مقرر نٿي ڪري سگهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اھڙي نااھليءَ باصلاحيت ۽ ذھين نوجوانن جي مستقبل تي ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن؟ ھر سال جيان ھلندڙ سال 2021ع جي چٽاڀيٽي امتحان واري اسڪريننگ ٽيسٽ ۽ ليڪچررشپ جا امتحان ان جو تازو مثال آھن، اسڪريننگ ٽيسٽ توڙي ليڪچررشپ جي لاءِ ورتل مختلف پيپرن ۾ ڪيترن ئي سوالن جا جواب غلط ڏنا ويا، جيڪو ايس پي ايس سي ۾ ويٺل عھديدارن جي قابليت تي پڻ ھڪ وڏو سوالي نشان آھي، ان کان اول به ڪيترائي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چٽا ڀيٽي وارن امتحانن سميت ٻين امتحاني پيپرن ۾ وڏيون غلطيون ڪري پنهنجي نااھلي ظاھر ڪري چڪي آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تحريري امتحانن ۽ انٽرويوز جي نتيجن ۾ بدعنواني، پنهنجا نوازي ۽ سياسي اثر پڻ عروج تي رھيو آھي، اھو ئي سبب آھي جو سنڌ ۾ چٽاڀيٽي واري امتحان جي نالي تي بااثر ماڻهن جا ٻار بيوروڪريسي ڏانهن پنهنجو رستو آسان بڻائيندا آھن، ڏٺو وڃي ته ايس پي ايس سي ھر تحريري امتحان توڙي انٽرويو ۾ ڪيترن ئي باصلاحيت ۽ ذهين غريب نوجوانن کي فيل ڪري انهن کي پنهنجي حق کان محروم ڪيو آھي. تنهنڪري سنڌ جا باصلاحيت ۽ ذھين نوجوان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ظلم ۽ ناانصافين خلاف اڄ ڪالھه سوشل ميڊيا تي سراپا احتجاج آھن. تازو ئي سال 2020 ۾ ورتل اي ايس آءِ حيدرآباد رينج ۽ سي ٽي ڊي واري انٽرويو جي نتيجن ۽ 2019 جي چٽاڀيٽي امتحان واري انٽرويو جي نتيجن ۾ وڏي تعداد ۾ بااثرن جي اولادن کي نوڪرين سان نوازيو آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اھڙي عمل تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ باصلاحيت ۽ ذھين نوجوانن ۾ مايوسي پکڙيل آھي. افسوس جي ڳالهھ آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويٺل عهديدارن ميرٽ ڪرڻ بدران ڪٿي پنهنجي عزيزن کي نوڪريون ڏنيون آھن، ڪٿي ڪامورن جي اولادن کي نوازيو آھي ته ڪٿي ڏوڪڙن تي نوڪريون وڪڻي اھل اميدوارن جي مستقبل کي نابود ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو اھڙو رويو يقينن انتهائي افسوس ۽ مذمت جوڳو آھي. سال 2020ع ۾ اي ايس آءِ حيدرآباد رينج ۽ سي ٽي ڊي واري انٽرويوز جي نتيجن ۾ ھڪ اقليتي اميدوار (رڪشا ڊرائيور) طور سڃاڻپ رکندڙ کي اقليتي ڪوٽا ۾ رکڻ بدران ميرٽ لسٽ ۾ رکي پنهنجي شهرت ڪري ميرٽ جو ڊرامو رچايو ويو، گڏوگڏ ڪيترن ئي اميدوارن کي حيدرآباد رينج ۽ سي ٽي ڊي واري اي ايس آءِ انٽرويو ۾ پاس ڪري سنڌ جي غريب باصلاحيت ۽ ذھين نوجوانن کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو. اھڙن ڪيترن ئي اميدوارن کي اي ايس آءِ مقرر ڪيو آھي جن ۾ ڪا قابليت ناھي، نه ھو ڪو مضمون لکي سگهن ٿا نه وري سهي نموني ڳالهائي سگهن ٿا، ساڳي طرح چٽاڀيٽي 2019ع واري انٽرويوز جي نتيجن ۾ پڻ پنهنجا نوازي ڪري ڪيترن ئي بااثرن جي اولادن جي الاٽمينٽ ڪئي وئي آھي. جيتوڻيڪ ھاءِ ڪورٽ بينچ حيدرآباد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميڪنزم کي شفاف بڻائڻ لاءِ ٻن مهنين تائين مڪمل بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. پر سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻن مهينن جي مھلت باوجود ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي؟ ڇو ته پهرين به ايس پي ايس سي کي امتحانن ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ سپريم ڪورٽ حڪم ڏئي چڪي آھي پر ڪميشن ان حڪم کي نظرانداز ڪيو ھو، ڇا ھاڻ ايس پي ايس سي ھاءِ ڪورٽ بينچ حيدرآباد پاران شفاف ميڪنزم بڻائڻ لاءِ ڏنل ٻن مهينن جي مھلت کان پوءِ پنهنجو وڃايل معيار بحال ڪري سگهندي؟ ان لاءِ ڪجھه سخت فيصلن جي ضرورت آھي. ھڪ ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي موجوده چيئرمين سميت ميمبرن کي ھٽائي انهن خلاف انڪوائري ڪئي وڃي. ٻيو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي شفاف بڻائڻ لاءِ نه صرف امتحاني ۽ انٽرويو جي نتيجن جو نئون ميڪنزم جوڙيو وڃي پر پبلڪ سروس ڪميشن کي سياسي اثر کان آجو ڪرڻ لاءِ چيئرمين، سيڪريٽري ۽ ميمبرن تي ٻڌل نئين ٽيم پڻ جوڙي وڃي جيڪا مڪمل خودمختيار ھئڻ گهرجي. حيدرآباد رينج ۽ سي ٽي ڊي واري انٽرويو نتيجن توڙي لکت واري امتحانن جو رڪارڊ طلب ڪري جاچ ڪرڻ گهرجي.