ليکڪ: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
سنڌ جي سکر توڙي لاڙڪاڻي ڊويزنن جي مختلف شهرن، علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ڪجهه عرصو پهرين قبائلي جهيڙن، اغوا، ڦرلٽ، قتل جي واقعن ۾ ٺاپر اچڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي باهه ڀڙڪي اُٿي آهي، روزانو ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ معمولي ڳالهه تي هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڳڀرو جوان قتل ڪيا ٿا وڃن، جيڪي واقعا ڏينهون ڏينهن نون رخن سان وڌي رهيا آهن. اتر سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ سخت گرمي سان گڏ تڪرار ۽ رتوڇاڻ وارا واقعا به وڌي ويندا آهن، خبر ناهي ته ڪهڙي هَوا گهُلي رَهي آهي جو روزانو جي بنياد تي نوان نوان هنيانءَ ڏاريندڙ واقعا پڙهي، ٻُڌي ۽ ڏسي جيءُ به جهري ٿو پوي، مُڙس هٿان زال جو قتل، زال هٿان مڙس جو قتل، ڪاروڪاري، قبيلائي ناسور، جهيڙا، زميني تڪرار، پلاٽ جي ٽُڪر تان پيدا ٿيل رنجشون ۽ خوني جهيڙا روز اخبارن جي زينت بڻيل آهن، گذريل هفتي بدامني جي باهه ۾ وڪوڙيل ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ وڏو اذيتناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي چاچڙ سبزوئي تڪرار جيڪو فصل جي ڀيل تان شروع ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو قتل ٿي چڪا، نيٺ علائقائي سردارن، پيرن ۽ مرشدن جرڳو ڪرائي ڌرين جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرايو هو، پر ڪجهه سالن جي وقفي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌريون هٿيارن سان هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيون، نتيجي ۾ هٿياربندن اوطاق تي ويٺل هڪ ئي خاندان جي ماڻهن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 9 انساني جانيون ضايع ٿي ويون ۽ هڪ ڄڻو اڌ مئو ٿي پيو، واقعي بابت پوليس جي حوالي سان جيڪي خبرون آيون، اهي به روايتي سستي ۽ لاپرواهي جي عڪاسي ڪن ٿيون، ايتري تائين جو پوليس بروقت نه واقعي واري هنڌ پهتي ۽ نه ئي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي قهري ڪارروائي بعد ڪنڌڪوٽ پوليس نون ماڻهن جي قتل جو ڪيس 35 ڄڻن تي داخل ته ڪيو پر هي سٽون لکڻ تائين ڪنهن هڪ جوابدار کي به گرفتار نه ڪري سگهي هئي، خبر ناهي ته قاتل ڪهڙي ٻر ۾ وڃي لڪي. ان کان سواءِ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ جکراڻي ڀيا ٺاهه ٿيو هو پر اڳتي هلي اهو جهيڙو ٻيهر ڀڙڪيو، ڇاڪاڻ ته ڌرين ۾ اڄ تائين نفرتون ۽ هڪٻئي خلاف بغض موجود آهن. مقامي سردارن جيڪي جرڳا ڪرايا، سي به ناڪام ٿي چڪا آهن، ڪهڙو مثال ڏجي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي مڙني علائقن ۾ اڄ بدامني، قتل ۽ غارت، اغوا، ڦرن ۽ چورين جون وارداتون عام جام آهن، ڪنڌڪوٽ جهڙي خونريزي جيڪڏهن سنڌ جي دارالحڪومت ڪراچي ۾ ٿئي ها ته هن وقت تائين نه صرف سنڌ پر سڄي ملڪ ۾ هاءِ گهوڙا متل هجي ها، ايتري تائين جو سڄي ڪراچي پوليس انتظاميا تبديلي ٿي چڪي هجي ها پر ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۽ هڪ ئي وقت 9 ماڻهن جو قتل عام ٿيڻ کانپوءِ به ايس ايس پي امجد شيخ کي نه ڪا لهر نه ڪو لوڏو آيو آهي ۽ نه ئي پوليس انتظاميا خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آهي، ايس ايس پي امجد شيخ کي ميڊيا سٺن لفظن ۾ بيان ڪندي آهي ۽ کيس هڪ فرض شناس آفيسر قرار ڏيندي آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهڙو آفيسر ضلعي جو پوليس سربراهه هوندي به ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرارن ۽ خونريزي روڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪو آهي، افسوس جو مقام آهي انهن چونڊيل نمائندن لاءِ جيڪي هتان چونڊجن ٿا ۽ هنن علائقن کي اڄ تائين هٿيارن کان پاڪ نه ڪرائي سگهيا، سڄي سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ رينجرز توڙي فوج به موجود آهي، انهن کان به خدمتون حاصل نٿيون ڪيون وڃن، نه ئي اثرائتو آپريشن ڪري انهن ڏوهارين جو خاتمو آندو ويو آهي، ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخر سنڌ پوليس ۾ سڌارو ڪڏهن ايندو ۽ ڪيئن هن ديس جا ڌڻي انهن وبائن کان بچي سک جو ساهه کڻندا، آخر هي رت جي راند ڪڏهن بند ٿيندي، آئون بحيثيت هڪ وڪيل ۽ قانوندان جي، سمجهان ٿو اعليٰ اختيارين جو فرض آهي ته سڄي ضلعي جي پوليس کي نه رڳو تبديل ڪيو وڃي پر جتي جتي قبيلائي جهيڙا ٿين ٿا ۽ ماڻهو ماريا وڃن ٿا، اتي جي مقامي ايس ايڇ او کان ويندي ايس ايس پي سطح تائين ذميوارن کان سختي سان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، هلندڙ رتوڇاڻ جو خاتمو يقيني بنايو وڃي.