ايڊيٽوريل
سنڌ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان اغوا توڙي قبيلائي تڪرارن جو بول بالا آهي، ڪو به اهڙو ڏينهن خالي نه آهي، جڏهن ڪو ماڻهو اغوا نه ٿئي يا وري ڪو ماڻهو برادري جهيڙي ۾ ماريو نه وڃي، لاقانونيت پنهنجي انتهائي خراب صورتحال ۾ عروج تي پهتل آهي، پر بدقسمتي سان هتي حڪومتي عملداري جو به نالو نشان نظر نٿو اچي، جيڪڏهن رڳو اغوا جي واقعن کي ڏسجي ته اتر سنڌ ۽ خاص ڪري شڪارپور ضلعي اندر روزانو جي بنياد تي 2 کان 3 ماڻهو اغوا ٿين ٿا، صورتحال اها وڃي بيٺي آهي ته پوليس به هاڻ ڏوهارين خلاف ڪارروائي بدران اغوا جي واقعي بعد سردارن، وڏيرن ۽ علائقي جي ڪاٽڪوئن معرفت ڀنگ ڏئي ماڻهو بازياب ڪرائڻ ۾ رڌل آهي ۽ جڏهن ماڻهو بازياب ٿين ٿا ته مقابلي جي ڊرامي بازي ڪري مڙئي پنهنجو منهن ڌوئڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، رڳو هڪ ڏينهن جي خبرن تي نظر ڊوڙائڻ سان خبر پوي ٿي ته 18 مئي تي چڪ مان دوا وٺڻ لاءِ نڪتل 2 نوجوان حبيب الله ۽ بسم الله مهر اغوا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گهوٽڪي جي ٻيلي مان ڪاٺيون کڻڻ لاءِ ويل سليم، صدورو ۽ حبيب الله لکڻ اغوا ٿيا آهن، هن وقت تائين خانپور مان اغوا ٿيل 4 ڄڻا اساما سيٺار، واجد علي سيٺار، عمران گولو ۽ عابد گولو کي 2 هفتا گذرڻ باوجود پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي، خانپور مهر مان پڻ 2 نوجوان گم ٿي ويا آهن، جن جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، پني عاقل مان اغوا ٿيل نوجوان ذاڪر شاهه ۽ جميل ورند بازياب ناهن ٿيا، ڄامشوري مان اغوا ٿيل ٽئڪسي ڊرائيور اسد الله ڀرٽ پڻ بازياب ناهي ٿيو، لکيءَ مان اغوا ٿيل حافظ عبدالله ميوو ۽ سونهارو پهوڙ کي پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي، راڻيپور مان اغوا ٿيل نوجوان پڻ بازياب ناهي ٿيو، لکي مان وڌيڪ هڪ نوجوان اغوا ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ڊيٽا گڏ ڪبي ته اهڙن مغوين جو انگ سون جي تعداد ۾ ظاهر ٿيندو. پر بدقسمتي اها آهي ته سنڌ حڪومت سميت پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن غريب مغوين جا ڌڻي نٿا ٿين، نتيجي ۾ اهي مهينن جا مهينا ۽ سالن جا سال ڌاڙيلن جا قيدي بڻجي اذيت واري زندگي گذارين ٿا ۽ ڪيترن ئي مسڪينن جا وارث پنهنجو سڀ ڪجهه وڪڻي مغوين کي بازياب ڪرائڻ تي مجبور آهن. اهو سلسلو يا اغوائن جي لهر ڪا تازي ناهي، پر اهي سنڌ جي چمڪندڙ پيشاني تي اهڙا داغ آهن، جيڪي سالن کان لهڻ جو نالو ئي نٿا وٺن، ان جو سبب اهو آهي ته اسان جي اقتداري ڌر ڪڏهن به انهن معاملن کي سنجيدگي سان ورتو ئي نه آهي، جيڪڏهن حڪومت اهڙن معاملن تي سنجيده ٿئي ۽ قانون جي رٽ کي بحال ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻي ته اهڙا اڌ کان وڌيڪ واقعا ته رڪجي سگهن ٿا پر حڪومتي عملدارن جي ڪن لاٽار ۽ غير سنجيدگي سبب هن وقت سنڌ ۾ اغوا جا واقعا ڏوهه بدران واپاري صنعت بڻجي چڪا آهن، جنهن ۾ رپورٽن مطابق رڳو ڪلپرٽس نه پر چڱا ڀلا وڏيرا، بااثر ۽ خود پوليس عملدار به ملوث آهن ۽ اهي ان ڪاروبار کي آهستي آهستي هاڻ صنعت جو درجو ڏئي چڪا آهن ۽ هاڻ ته اهو ڪاروبار ان حد تائين اچي پهتو آهي جو نياڻيون اغوا ڪري انهن جو ڀنگ يا ڀتو گهريو وڃي ٿو، اسان سمجهون ٿا ته بحيثيت هڪ قوم اسان جي لاءِ اهو انتهائي فڪر ۽ ڳڻتي وارو لمحو آهي ۽ ان تي رڳو اخباري بيانن کان هٽي ڪري هاڻ سنجيده ۽ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ بنا ڪنهن رک رکاءَ ۽ فرق جي ان گورک ڌنڌي ۾ ملوث ۾ سمورن ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ نوڙ ٻڌڻ جو وقت اچي ويو آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري وڏي وزير کي سنڌ جي ان اهم مسئلي طرف هاڻ ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇو ته هو سنڌ جو هن وقت سرواڻ به آهي ۽ اڳواڻ به آهي ۽ ان حيثيت ۾ صوبي جي هر ماڻهو جي حفاظت سندس اهم ذميواري آهي ۽ اسان اميد ٿا ڪريون ته وڏو وزير پنهنجي ان ذميواري کي نه صرف پورو ڪندو پر صوبي جي عوام لاءِ آزار بڻيل اهڙن ڪلپرٽس کي قانون جي گهيري ۾ آڻي سزا ڏيارڻ لاءِ پڻ عملي قدم کڻندو، ته جيئن سنڌ جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.