208

فلسطين ٻري رهيو آهي، 63 ٻارن سميت شهيدن جو انگ وڌي 220 تي پهتو

غزه (ويب ڊيسڪ) غزه تي اسرائيلي بمباري جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، 63 ٻارن سميت شهيدن جو انگ 220  ٿي ويو آهي، 52 هزار فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هينئر تائين 450 عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن، اسرائيلي وزيراعظم ٻيهر حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، عمارتون کنڊر بڻجي ويون،  فلسطين ٻري رهيو آهي، اسرائيلي فورسز جي بمباري سبب شهيدن جي انگ ۾ به لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، فلسطيني روزاني پنهنجن پيارن کي دفنائي رهيا آهن، رڙين جا آواز رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن، غزه تي صيهوني فورسز جي حملن ۾ وڌيڪ 3 فلسطني شهيد ٿي ويا، مسجدالاقصيٰ جي دمشق گيٽ ويجهو فلسطنين تي فائرنگ ڪئي وئي، بيهوش ڪندڙ بم اڇلايا ويا ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، غزه تي حملن جي خلاف مغربي ڪناري جي مختلف شهرن ۾ فلسطنين ڪار ريليون به ڪڍيون، شرڪت ڪندڙن فلسطيني جهنڊا کڻي رکيا هئا، هو اسرائيلي ظلمن جي خلاف نعرا لڳائي رهيا هئا،  احتجاج ۾ ٻارن ۽ عورتن جو به وڏو انگ موجود هو. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر چيو آهي ته غزه ۾  حماس جي خلاف حملا ان وقت تائين جاري رهندا جيستائين سمورن اسرائيلي شهرين کي حفاظت جو يقين نٿو ڏياريو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو