234

سنڌ ۾ڪمند جو انتهائي خطرناڪ مرض ظاهر، زراعت کاتي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪمند جو انتهائي خطرناڪ مرض ظاهر ٿي پيو  آهي،  سنڌ آبادگار بورڊ جي نشاندهي کان پوءِ  زراعت کاتي پنهنجي فيلڊ عملي کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ آبادگار بورڊ سنڌ ۾ ڪمند کي هڪ انتهائي خطرناڪ مرض لڳڻ جو پتو لڳايو آهي جنهن سان وڏي پيماني تي ڪمند تباهه ٿي وڃي ٿو. سنڌ آبادگار بورڊ ان مرض جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ زراعت کاتي جي ماهرن کان مدد گهري ورتي آهي، جنهن کان پوءِ زرعي توسيع کاتي سنڌ ۾ پنهنجي فيلڊ عملي کي هاءِ الرٽ ڪري  ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڪمند کي اهو نئون ۽ انتهائي خطرناڪ مرض ٽنڊي الهيار ۾ ڪجهه هنڌن  تي ظاهر ٿيو آهي، ان بابت ٻڌايو ويو آهي ته اهو مرض ٽنڊي الهيار ۽ سڪرنڊ ۾ گذريل سال ظاهر ٿيو ۽ اٽڪل 40 ايڪڙ ڪمند ان مرض سبب تباهه ٿي ويو. جنهن کان پوءِ هاڻي ان ئي مرض جا آثار ٽنڊي الهيار ضلع ۾ ئي ڪجهه ٻين هنڌن تي به نظر آيا آهن. اهڙي صورتحال کي ڏسندي  سنڌ آبادگار بورڊ ترت ئي ان معاملي تي لاڳاپيل زرعي ماهرن سان رابطو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ زرعي توسيع کاتي توڙي شگر ملن جي ماهرن سنڌ آبادگار بورڊ سان گڏجاڻي ڪري آبادگارن کان ڄاڻ ورتي ۽ٽنڊي الهيار ۾ مختلف هنڌن تي پوکيل ڪمند ۾ ان مرض جو جائزو پڻ ورتو . هوڏانهن سنڌ آبادگار بورڊ جي نشاندهي کان پوءِ زرعي توسيع کاتي سنڌ جي  ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر  علي نواز چنڙ فوري طور تي حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر ، شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻي جي  زرعي توسيع کاتي جي ڊويزنل ڊائريڪٽرن کي هڪ خط لکي لاڳاپيل فيلڊ عملي کي فوري طور تي هاءِ الرٽ ڪري سمورن ضلعن اندر ڪمند جي آبادگارن ۽ شگر ملن جي انتظاميا سان رابطا ڪري ڪمند جي ان نئين مرض جي موجودگي بابت پتو لڳائڻ لاءِ سروي ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو