215

ترين گروپ سان تعلق رکندڙ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جا صلاح مشورا مڪمل ٿي ويا،جهانگير ترين جي حمايتي ميمبرن ڌار سيٽن تي ويهڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ جهانگير ترين جي حمايتي ميمبرن ڌار سيٽن تي ويهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ترين گروپ جي دعويٰ آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ ان جا 30 ميمبر آهن، جهانگير ترين گروپ جو چوڻ آهي ته ڌار سيٽن تي ويهي پنهنجي ميمبرن جي حق تلفي خلاف آواز اٿارينداسين، ٻئي طرف تحريڪ انصاف جهانگير ترين جي هم خيال گروپ جي سمورن ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صوبائي گروپ جو اڳواڻ سعيد اڪبر لوائي اسيمبلي ۾ ڌار سيٽن لاءِ اسپيڪر سان ملاقات ڪندو، ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڌار سيٽن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ترين گروپ سان تعلق رکندڙ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جا صلاح مشورا مڪمل ٿي ويا آهن، صوبائي وزير نعمان لنگڙيال، ۽ اجمل چيمه به ڌار سيٽن تي ويهندا، اعجاز چوڌري چيو ته جهانگير ترين جي هم خيال گروپ خلاف بجيٽ جي منظوري تائين  ڪوبه ايڪشن نه ٿيندو، پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر اعجاز چوڌري جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جهانگير ترين جي هم خيال گروپ جا بيان ۽ سرگرميون نوٽ ڪري رهيا آهيون، ڪوبه قدم وقت اچڻ تي وزيراعظم جي اجازت سان کڻنداسين، اعجاز چوڌري جو چوڻ هو ته پارٽي ۽ قيادت خلاف ڳالهائيندڙ پهريان عهدن ۽ اسيمبلي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو