ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ سموريون پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪرٽري، آءِ جي، ايڊيشنل چيف سيڪرٽري داخلا، ڪمشنر ڪراچي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته عيدالفطر 13 مئي تي ٿي ان ڏينهن صوبي ۾ 1232 ڪيسز هئا ۽ عيد کانپوءِ 19 مئي تي 2076 ڪيسز آيا جيڪي 10.2 سيڪڙو آهن، ان مان ظاهر تو ٿي ته ڪيسز وڌن پيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ 16.82 سيڪڙو ڪيسز آيا آهن، اجلاس ۾ وڏي وزير سنڌ ٽاسڪ فورس جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته صورتحال جو جائزو وٺن ۽ وڌيڪ مرحلا لاءِ پنهنجون تجويزون ڏين، جڏهن ته صوبي ۾ پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،
159