133

24 مئي کان تعليمي ادارا، سياحتي هنڌ ۽ هوٽل کولڻ جو اعلان، شادي هال پهرين جون کان پوءِ کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي شهرين جي موتن ۾ لاٿ ۽ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ اندر وڌيڪ 104 ماڻهو فوت ۽ 3 هزار 256 ماڻهو متاثر پڻ ٿيا. 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو خيبرپختونخوا ۾ فوت ٿيا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 19 هزار 856 ٿي ويو،  جن مان سنڌ ۾ فوتين جو انگ  4 هزار 835 تائين پهتو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 86 هزار 184 آهي. ٻي پاسي اين سي او سي پابندين ۾ ڪجهه نرمي جو اعلان ڪيو آهي جنهن هيٺ 24 مئي کان پوري ملڪ جا تعليمي ادارا، سياحتي هنڌ، هوٽلز ۽ ريسٽورنٽ پڻ کوليا ويندا. اهڙو فيصلو وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب  24 مئي کان تعليمي ادارا رڳو انهن علائقن ۾ئي کوليا ويندا جن ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ هوندي، 7 جون کان سمورا تعليمي ادارا کلندا، ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان 20 جون کان پوءِ ٿيندا، ٻين ڪلاسن جي امتحان بابت فيصلو  تعليم واري وزارت ڪندي،  ڀارت، افغانستان ۽ ايران واريون سرحدون لاڳيتو بند رهنديون. پهرين جون کان شادي هال پڻ کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، شادي هالن ۾ رڳو 150 ماڻهن کي شريڪ ٿيڻ جي اجازت ڏني ويندي ۽ اتي شادين جا ڪاڄ کليل هنڌ تي ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو ويندو.  درگاهون سنيما گهر، ان ڊور ڊائننگ، ان ڊور جم ۽ پارڪ لاڳيتو بند ئي رهندا،  ڇنڇر ۽ آچر تي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ به بند رهندي، راندين ۽ ميلن تي به پابندي جاري رهندي. 24 مئي کان سياحتي هنڌ ايس او پيز هيٺ کولڻ جي اجازت ڏني ويندي،  ريسٽورنٽس ۽ هوٽلن ۾ آئوٽ ڊور ڊائننگ رات 12 وڳي تائين کولڻ جو اعلان ڪيو ويو  آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو