ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته وزيرن ۽ مشيرن جي قرباني سان ڪجهه نه ٿيندو،عمران خان کي پائي پائي جو حساب ڏيڻو پوندو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته عمران حڪومت ۾ٿيل ڪرپشن معيشت جي تباهي جو سبب آهي،جنهن ملڪ جو حڪمران ڪرپٽ هجي، اتي معيشت ڪڏهن مستحڪم نٿي ٿي سگهي، وزيراعظم،وزيرن ۽ مشيرن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي ڪرپشن تي پردو نٿو وجهي سگهي،پاڻ کي هڪ هڪ رپئي جو حساب ڏيڻو پوندو، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ٽيڪس وڌائي ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جو ڊرامو ڪندڙ ملڪ کي ڦرين پيا،عالمي ادارا ملڪ ۾ڪرپشن ۾واڌ جو انڪشاف ڪري چڪا آهن، ملڪي معيشت جو هٿ وٺي ٻيڙو ٻوريو ويو آهي،انهن جي نااهلي جو عذاب سڄي ملڪ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عمران خان ايترو نااهل آهي جو پي ٽي آءِ جي صفن ۾به پنهنجو اعتماد وڃائي چڪو آهي.
