217

حڪومت ڪشتو کڻي گهمي پئي، ڪارڪردگي نه هئڻ برابر آهي: عدالت

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قيصر رشيد ۽ جسٽس ارشد علي تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ پي ٽي وي ملازم جي سروس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس قيصر رشيد ان موقعي تي رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت هر معاملي تي ڪشڪول کڻي گهمندي وتي ٿي،ڪارڪردگي نه هئڻ برابر آهي، جيڪڏهن سڀني شين لاءِ پرڏيهه مان خيرات جي مدد وٺڻي آهي ته حڪومت ڪيئن هلائي رهيا آهيو؟ هن چيو ته هر اداري جي لاءِ ٻاهران ماهر گهرايا وڃن ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ڪو اهڙو ناهي،جنهن ۾ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ جي اهليت هجي، ملڪ سلامتي تي سودو ڪيو پيو وڃي،ڇو ته ٻاهران ڪو اچي ادارا ٺيڪ ڪندو ته ان جي مفادن کي به تحفظ ملندو، هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ٽي وي خوش آمد نامو بڻجي وئي آهي،پي ٽي وي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اڄ پيش ٿي موقف بيان ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو