اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جي سربراهي ۾ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل نيب، ڊي جي آپريشنز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته اٽي کنڊ ۽ رنگ روڊ سميت سمورن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، نيب وڏين مڇين خلاف اربين رپين جا 12 سئو 69 ريفرنسز عدالت ۾داخل ڪيا آهن،نيب ۽ ڪرپشن گڏ نٿا هلي سگهن، هن چيو ته اداري جو تعلق ڪنهن سياسي جماعت،گروهه يا فرد سان ناهي،رڳو رياست پاڪستان سان آهي،تنقيد جي پرواهه ناهي، بنا جواز تنقيد ڪندڙ عدالتن ۾شاهدين تحت داخل ريفرنس جو دفاع ڪن،مضاربه اسڪينڊل جي جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏياربي، هن وڌيڪ چيو ته جعلي اڪائونٽس ڪيس، اختيارن جي ناجائز استعمال، آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ ٻين ڪيسن کي جلد مڪمل ڪنداسين.هوڏانهن اجلاس ۾ 9 انڪوائريز، 3 انويسٽيگيشنز ۽ 3 ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي، ڪئپٽن (ر) صفدر خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، احسان الله محسود خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، اڳوڻي روينيو آفيسراحسان الله تي سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ جا الزام آھن، اجلاس ۾ مقبول لهڙي ۽ اڳوڻي ميئر ڪوئيٽا خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، بلوچستان جي اڳوڻي وزير امين عمراڻي خلاف به ريفرنس جي منطوري پڻ ڏني وئي، ن ليگ جي اڳواڻ امير مقام خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، جڏھن تھ ڊي جي زراعت ڊاڪٽر نويد ۽ ٻين خلاف به انڪوائريز جي منظوري پڻ ڏني وئي آھي.
