203

رتيديري واسي نوجوان ۽ سندس زال ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ئي فليٽ ۾ قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گلستان جوهر واري علائقي پرفيوم چوڪ تي هڪ فليٽ مان رتيديري واسي جوڙو جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا، اطلاع تي پوليس پهچي جعفر ابڙو ۽ سندس زال فوزيه جا لاش  اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، رتوديرو جي رهواسي 25 ورهين جي جعفر حيسن عرف واجد پٽ گدا حسين  ابڙو جو تڏو رتوديرو جي محلي شاه لطيف ڪالوني ۾ وڇايو ويو آهي، مقتول جي تڏي تي شهري ۽ رشتيدار پهتل هئا، جڏهن ته مقتول جي وارثن ۾ اهڙي واقعي بعد سڪتو طاري ٿيل هو ۽ گھر ۾ ڪهرام متل هو مقتول جي جنازي نماز اڄ خميس ڏينهن ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد کيس رتوديرو لڳ ڳوٺ طيب ۾ اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويندو، جڏهن ته سندس جي مقتولا گھر واري کي ڪراچي ۾دفنايو ويو آهي، هوڏانهن واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پوليس هٿ ڪري ورتا آهن، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ 8 لڳي 22 منٽ تي 2 ڄڻا بليز اپارٽمينٽ بلاڪ 6 ۾ پهتا، ڪجهه دير بعد هڪ شخص سيڙهين کان لهي هيٺ آيو، فوٽيج ۾ هيٺ لهندڙ شخص ٻنهي ڄڻن کي فليٽ بابت بريفنگ ڏني، فوٽيج مان نظر اچي ٿو ته ٽئي ڄڻا لفٽ ذريعي ستين منزل تي واقع فليٽ نمبر 602 تي پهتا، فوٽيج ۾ 8 لڳي 28 منٽ تي ٽئي ڄڻا واپس تيزي سان سيڙهين کان ڀڄندي هيٺ ايندي نظر اچن ٿا، جنهن کانپوءِ ٽئي ڄڻا هڪ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿي وڃن ٿا ٿا، واقعي واري هنڌ وٽان پوليس کي گولين جا 4 خول مليا آهن، پوليس واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو