240

سکر هاءِ ڪورٽ ميونسپل ڪمشنر کي هٿڪڙيون هڻائي ڇڏيون

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪل بينچ سکر ۾ ميونسپل ملازمن پاران داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ کان ڀرتين جو رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ چيو ته محمد علي شيخ رڪارڊ پيش نه ڪري سگهيو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ميونسپل ڪمشنر کي جيل ڪسٽڊي ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد پوليس ميونسپل ڪمشنر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، ميونسپل آفيسر عدالتي ٽائيم تائين لاڪ اپ ۾ رهيو، بعد ۾ محمد علي شيخ عدالت ۾ معافي نامو جمع ڪرايو، جنهن تي عدالت کيس معافي ڏئي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو